شوبز

عمرو ڪرڻ دوران مڙس جي وفات جو اطلاع مليو: فهيما اعوان

پاڪستاني اداڪارا فهيما اعوان ٻڌايو آهي تھ سعودي عرب ۾ عمرو ادا ڪرڻ دوران مڙس جي وفات جو اطلاع مليو، جنهن صدمي ۾ ڌڪي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مڙس کي 2012ع ۾ اغوا ڪيو ويو، ڀنگ ڀري آزاد ٿيو، ان بعد هو بيمار رهڻ لڳو هو، کيس ٻھ ڀيرا دل جو دورو پڻ پيو، پر هو ٺيڪ ٿي رهيو هو، مان الله جي درٻار ۾ هئس تھ مڙس بابت دردنال خبر ڏني وئي، پاڻ سنڀالڻ ڏکيو هو. هن چيو تھ مڙس جي وفات بعد اولاد لاءِ پاڻ کي مضبوط ڪيو، انهن جو سڀ ڪجهه مان آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button