شوبز

پڙهائي ۾ جڏو هئس، ميٿ مون کي دشمن لڳندي هئي: رنوير سنگهه

بالي ووڊ جي سپر اسٽار رنوير سنگهه انڪشاف ڪيو آهي تھ مان پڙهائي ۾ جڏو رهيو آهيان، تنهنڪري والدين مون تي گهڻو ڌيان ڏنو، پر ان هوندي بھ سڌارو نھ اچي سگهيو. فلم راڪي او راني ڪي پريم ڪهاني جي مشهوري واري تقريب ۾ ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ ميٿاميٽڪس ۾ صفا جڏو رهيو آهيان، خاص ڪري اسڪولي ڪم مڪمل نھ هجڻ تي ڇڙٻون بھ کاڌيون هيون. هن ٻڌايو تھ ميٿ دشمن لڳيندي هئي، جنهن ۾ مارڪن ۾ هميشا انڊو مليو. هن چيو تھ مون کي فلمن ۾ حقيقي ڪهاڻين وارا اسڪرپٽ وٺندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button