شوبز

منهنجي شادي جي ڳالهه ٻڌي والد هفتو نھ ڳالهايو: ڪاجول

بالي ووڊ جي چنچل انداز واري اداڪارا ڪاجول چيو آهي تھ منهنجي شادي جي ڳالهه ٻڌي والد هفتو نھ ڳالهايو، بعد ۾ هن چيو تھ ٺيڪ آهي، فيصلو تو ڪيو آهي، تنهنڪري مان خوش آهيان. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ شادي جي اجازت گهرڻ تي والد مون کي چيو تھ اهڙي ڪهڙي تڪڙ آهي، ڇوتھ مان اڃان ننڍي آهيان، شادي بعد اداڪارا طور اهميت نھ ملندي، مون والد کي چيو تھ انڊسٽري ۾ 10 سالن کان ڪم ڪيان پئي، هاڻ شادي ڪرڻ گهرجي. ڪاجول چيو تھ اجي منهنجي وڏي آواز کي برداشت ڪري ٿو، چوندو آهي ڪاش، تنهنجو ڪو ميوٽ بٽن هجي. هن چيو تھ مزاح واري خوبي فلمن مان ملي، پٽ مشورو ڏيندو آهي تھ روئڻ واري فلم نھ ڪيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button