شوبز

سلمان خان عشق ۾ ناڪامين تي پنهنجو پاڻ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان عشق ۾ ناڪامين تي پنهنجو پاڻ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سلمان خان جي هڪ پراڻي انٽرويو جو وڊيو ڪلپ تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سلمان خان چئي رهيو آهي تھ مون سمجهيو تھ پهريون ٻھ دوست غلط هيون، منهنجا اهي ٻئي تعلق افسوسناڪ نموني ختم ٿيا، شايد ڪجهه انهن جي غلطي هئي. هن چيو تھ جڏهن منهنجو چوٿون تعلق ختم ٿيو تھ مون سوچيو، ڪجهه مان غلط ٿي سگهان ٿو، شايد اهو سيڪڙو 60 ۽ 40 وارو هو، ٿي سگهي ٿو تھ مان 60 سيڪڙو غلط هجان. ياد رهي تھ سلمان خان ماضي ۾ خوبصورت اداڪارائن سان تعلق ۾ رهڻ باوجود شادي نھ ڪري سگهيو ۽ اهي تعلق ختم ٿي ويا. جڏهن تھ سنگيتا بجلاڻي، ايشوريا رائي کان ڪترينا ڪيف تائين اداڪارائن سلمان سنجيدا محبت ڪئي، پر سندس اهي محبتون ناڪام ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button