بالي ووڊ جي کلاڙي اداڪار اڪشي ڪمار کي اداڪارا گوهر خان خان پنهنجي حاضر دماغي سبب سوال جو جواب ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اڪشي ڪمار ۽ گوهر خان جو هڪ سال 2022ع جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار گوهر خان کان سوال پڇي ٿو تھ چوڻي آهي تھ هر ڪامياب مرد پويان عورت آهي، اهڙي صورت ۾ هر ناڪام مرد جي پويان ڪير هوندو آهي. گوهر خان حاضر دماغي کان ڪم وٺندي چيو تھ مرد هجي يا عورت ناڪامي جي صورت ۾ اها پاڻ ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تھ وقت سر ۽ درست فيصلا ڪرڻ ان جو ذاتي اختيار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close