
پاڪستان جي مشهور اداڪارا انوشي اشرف انڪشاف ڪيو آهي تھ بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو سامهون ڏسي مان خوشي ۾ نھ پئي ماپيس. هڪ انٽرويو دوران انوشي اشرف ٻڌايو تھ شوٽنگ دوران سپر اسٽار سان مليس، جنهن دوران ڀيڻ ۽ ٽيم جا دوست بھ مون سان گڏ هئا. هن چيو تھ سلمان خان انٽرويو ڏيندي هڪ منٽ چئي هليو ويو ۽ ڪجهه دير بعد هٿن ۾ ٻھ شرٽ کڻي پٺي اگهاڙو آيو ۽ اچي چيائين تھ هنن مان ڪهڙي شرٽ سٺي آهي، جيڪا مان پايان. انوشي چيو تھ ايڏي وڏي سپر اسٽار سان اوچتو ملڻ جي خوشي بيان نٿي ڪري سگهان.