بالي ووڊ جي ڊانسنگ گرل ۽ اداڪارا نورا فتيحي انڪشاف ڪيو آهي تھ 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مون کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو تھ جيئن ٻين ڪردارن کي بچائي سگهجي. ممبئي جي عدالت ۾ هتڪ عزت ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي نورا فتيحي جو چوڻ هو تھ جيڪولين فرنانڊس جي 200 ڪروڙ واري مني لانڊرنگ ۾ ڊگهي ۽ اجائي جاچ سبب مان نشانو بڻي آهيان، مون کي لالچي، دوکي باز انسا ۽ هڪ ڀتي خور سان تعلقات جي الزامن مان بھ گذاريو ويو آهي. نورا فتيحي عدالت کي ٻڌايو تھ هتڪ عزت ڪيس جيڪولين فرنانڊس، مختلف چينلز ۽ پبلشرز خلاف آهي، پر الزام لڳائي عوام جي نظرن ۾ ساک رڳو منهنجي خراب ڪئي وئي آهي. هن چيو تھ مان ڀارتي شهري ناهيان، هتي اڪيلي رهان ٿي،
تنهنڪري جيڪولين فرنانڊس ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي بچائڻ لاءِ مون کي ميڊيا ۾ قرباني جو ٻڪر بڻائي ٻين کي بچايو ويو آهي. هن چيو تھ مون کان ڪيترائي پراجيڪٽ نڪري ويا، ذهني ڪوفت مان ڌار گذري آهيان، تنهنڪري مان نقصان جو ازالو ۽ ساک محفوظ بڻائڻ چاهيان ٿي. هوڏانهن هڪ انٽرويو دوران نورا فتيحي ٻڌايو تھ مون کي ڪجهه ماڻهن سان تعلقات جوڙڻ ۽ انهن سان گڏ وقت گذارڻ جا مشورا ڏنا ويا هئا، پر خوشي آهي تھ مون انهن مشورن تي عمل ناهي ڪيو.