آمريڪا جي عالمي شهرت يافتا ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ ٽرڪ ڊرائيورن کي 50 ملين ڊالرز بونس ۾ ڏئي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ٽيلر سوئفٽ ورلڊ ٽوئر لاءِ ساز ۽ سامان منتقل ڪندڙ ڊرائيورن کي بونس ڏنو آهي. جڏهن تھ 50 ٽرڪ ڊرائيون کي ٽيلر سوئفٽ 5،5 ملين ڊالرز جي حساب سان اضافي بونس سندن اصل معاوضي کان ڌار ادا ڪيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ٽيلر سوئفٽ پنهنجي گرينڊ ورلڊ ٽوئر مان هڪ بلين ڊالر ڪمايا هئا، جنهن سبب هن دل کولي پنهنجي ملازمن ۾ رقم ورهائي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close