شوبز

ميرپورخاص جي رانديگر خاص ٻارن بابت فلم ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد

سنڌ جي شهر ميرپورخاص جي رانديگر خاص ٻارن بابت فلم ايز فار ايز دي ڪين رن ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي مشهور فلم ميڪر حيا فاطما جي مختصر فلم “ايز فار ايز دي ڪين رن” بهترين دستاويزي فلم جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ٿي آهي. فلم ميڪر حيا فاطما اقبال جون اڳ بھ ٻھ فلمون ايمي ايوارڊ کٽي چڪيون آهن. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي حيا فاطما اقبال فلم ايز فار دي ڪين رن ميرپور خاص ۽ ڀرپاسي رهندڙ ذهني معذور ٻارن جي زندگين تي تيار ڪئي آهي ۽ دنيا کي پيغام ڏنو ويو آهي تھ اهي بھ ٻيهر بلند اڏار ڪري سگهن ٿا. هن جو چوڻ هو تھ فلم جي ڪهاڻي اهڙن ٻارن تي فوڪس ڪئي وئي آهي، جيڪي ذهني معذور هوندي بھ رانديگر بڻجڻ چاهين ٿا، هي اهي ٻار آهن، جن کي سندن پنهنجا گهرڀاتي پڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. هن چيو تھ برلن ۾ خصوصي اولمپڪس ۾ ميڊل کٽيندڙ ثنا ڪپري سان گڏ سجاول ۽ غلام جي ڪهاڻي بھ فلم ۾ شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ فلم ۾ سندن ڪوچز جي محنت کي بھ ناهي وساريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button