پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا انمول بلوچ چيو آهي تھ مون ڇڙٻون کائيندي ۽ ڏک وچان روئيندي روئيندي اداڪاري سکي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ ڊائريڪٽر مون کي دڙڪا ڏئي چوندا هئا اداڪاري لاءِ سٺي شڪل لازمي ناهي، ان جي ڄاڻ هجڻ ضروري ناهي، تون اداڪارا نھ آهين، جڏهن تھ دڙڪا ملڻ تي واش روم ۾ وڃي روئيندي هئس، اتي ئي اداڪاري نھ ڪرڻ جو بھ رٿيو، پر ٻئي ڏينهن پاڻ تيار ٿي شوٽنگ تي پهچي ويندي هئس. هن چيو تھ هدايتڪار محسن مرزا مون کي ڪاسٽ ڪري موقعو ڏنو، جنهن سان شوبز ۾ هي سفر شروع ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close