
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا آمنا الياس چمبيلي جي ڪردار جي وڊيو رليز ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آمنا الياس ڊرامي موتيا سرڪار ۾ پنهنجي چمبيلي واري ڪردار کي دل جي ويجهو قرار ڏنو آهي. هن وڊيو شيئر ڪندي ان جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ چمبيلي تمام گهڻي سادي آهي، کيس ڏسڻ نھ وسارجو. هوڏانهن اداڪار منيب بٽ ڪمنٽس ڪندي لکيو تھ آمنا شاندار ڪم ڪيو آهي، هن آمنا الياس جي ڪردار ۾ جذب ٿي ڪم ڪرڻ جي ساراهه ڪئي.