بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو ۽ لوڪ سڀا جي ميمبر سني ديول چيو آهي تھ فلمن کان متاثر ٿي ماڻهن جي سرحد پار ڪري محبت ماڻڻ بابت تنقيد وارن خيالن تي يقين نٿو رکان، ذاتي زندگي بابت فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي. فلم غدر: ايڪ پريم ڪهاڻي 2 جي مشهوري واري تقريب ۾ صحافين جي پاڪستان مان سيما حيدر جي ڀارت پهچڻ ۽ ڀارت مان انجو جي پاڪستان وڃڻ بابت سوالن جا جواب ڏيندي سني ديول چيو تھ سيما حيدر ۽ انجو جهڙن پسند جي فيصلن جو احترام ڪيو وڃي، ماڻهن جي ذاتي زندگي بابت فيصلا انهن کي پاڻ ڪرڻ ڏيو، تنقيد نھ ڪرڻ گهرجي. هن چيو تھ هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي، ماڻهو هڪٻئي سان ڳنڍجن ٿا، ۽ ملڻ بعد گڏ رهن ٿا، تنهنڪري خاص لڳاءَ جڙڻ بعد گڏ رهڻ وارو فيصلو غلط آهي يا درست اهو انهن تي ڇڏيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ اهي انهن جي زندگي جو فيصلو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close