شوبز

جويريا ۽ شمعون عباسي جي ڌيءَ عنزيلا جي شادي ٿي وئي

پاڪستان جي شوبز دنيا جي اڳوڻي جوڙي جويريا عباسي ۽ شمعون عباسي جي ڌيءَ عنزيلا عباسي جي شادي ليکڪ تاشفين انصاري سان ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق عنزيلا عباسي جي شادي ٿيڻ بعد وليمي جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جوڙي هڪٻئي سان ملندڙ رنگن وارو لباس پائي شرڪت ڪئي آهي. جڏهن تھ سندن شادي ۽ وليمي جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن،

عنزيلا عباسي مڙس تاشفين انصاري سان گڏ پوز ڏيندي

جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. تقريبن ۾ اشنا شاهه، انوشي عباسي، عدنان جيلاني، غزالا جاويد، شهود علوي ۽ ٻين ساٿي اداڪارن توڙي گهرڀاتين شرڪت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button