شوبز

هڪ ٻيو وزيراعظم جيل ۾ هجڻ تي اسين خوش ناهيون: عفت عمر

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل عفت عمر اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آئي سربراهه عمران خان آڏو شڪايتن جا انبار لڳائيندي چيو آهي تھ هاڻ هڪ ٻيو وزيراعظم جيل ۾ آهي، جنهن تي اسين خوش ناهيون. سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ هن لکيو تھ خان صاحب اوهان جو ان پراڻي ڳالهه تي ئي زور هو تھ هن ناڪام رياست جو سبب سياستدان آهن، جڏهن تھ اصل جوابدارن جي اوهان کي ڄاڻ هئي، اسان منٿون ڪيون تھ اوهين پارليامينٽ ۾ وڃو ۽ قانون ٺاهيو، اسان ان ڏينهن کان اڳ ئي مشورو ڏنو هو تھ اپوزيشن سان ويهو ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو. هن چيو تھ جيڪڏهن ميان صاحب لاءِ جيل ٺيڪ هو تھ اوهان جي معاملي ۾ بھ درست آهي. ياد رهي تھ عمران خان توشاخانا ڪيس ۾ سزا اچڻ بعد اٽڪ جيل ۾ قيد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button