شوبز

صرحا اصغر سان مبينا جنسي زيادتي جي ڪوشش، ڪيس داخل

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صرحا اصغر سان مبينا جنسي زيادتي جي ڪوشش ٿي آهي، جنهن جو ڪيس بھ داخل ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ پهرين آگسٽ تي مبينا طور ٿيل واقعي جو ڪيس بھ صرحا جي مڙس عمر مرتضيٰ داخل ڪرايو ڪيو آهي. جڏهن تھ صرحا جي مڙس پاران شاهه فيصل ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ عاصم نالي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. صرحا اصغر جي مڙس پاران داخل ڪرايو ڪيس ۾ صرحا اصغر موقف اختيار ڪيو آهي تھ، بازار مان ايندي آوارا شخص عاصم پويان پيو ۽ گهر تائين پهتو، هن نامناسب لفظ چيا، جتي جوابدار سان منهنجو جهيڙو ٿيو، جنهن دوران منهنجا ڪپڙا ڦاٽي پيا، مون گهر جي گهنٽي وڄائي ڇڏي ۽ ٻاهر مڙس نڪتو تھ جوابدار ان سان بھ وڙهي پيو، بعد ۾ پاڙيوارن پهچي جوابدار پڪڙيو ۽ ٿاڻي تي آڻي پوليس حوالي ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي تھ وقاعو پهرين آگسٽ تي پيش آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button