شوبز

شوٽنگ دوران سيٽ تي هوم ورڪ ڪندي آهيان: عينا آصف

پاڪستان جي ننڍي ڄمار واري اداڪارا عينا آصف چيو آهي تھ مان پابندي سان اسڪول ويندي آهيان ۽ پنهنجو هوم ورڪ شوٽنگ دوران سيٽ تي ڪري ڇڏيان ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ شوبز ۾ ڪم ڪرڻ سبب مون اڃا تائين اسڪول ۽ تعليم متاثر ٿيڻ نھ ڏني آهي، جنهن سبب مون کي ڪم ڪرڻ تي پڇتاءُ ناهي. هن چيو تھ حساس موضوعن تي ڪم ڪرڻ سبب شروع ۾ دٻاءُ هوندو هو، پر هاڻ مان ان مان نڪري وئي آهيان. هن ٻڌايو تھ ننڍي ڄمار جي شادي واري ڪردار سبب پريشاني ٿي هئي، ڇاڪاڻ تھ اهو ڪردار تڪليف ڏيندڙ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button