شوبز

سيما حيدر اداڪاري نھ ڪندي، ڪردار لاءِ اداڪارا فائنل

پاڪستان مان چئن ٻارن سميت فرار ٿي نيپال جي سرحد ذريعي ڀارت پهچي نوجوان سچن سان شادي ڪري مذهب مٽائيندڙ سيما حيدر جي زندگي تي تيار ٿيندڙ فلم ۾ سندس ڪردار لاءِ ڀارتي اداڪارا فرحين فلڪ کي فائنل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي تھ سيما حيدر پاڻ فلم ۾ پنهنجو ڪردار نھ ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي تھ فلم ٺاهيندڙ پروڊيوسر اميت جاني سيما جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر کي بھ ڀارت سڏايو آهي تھ جيئن سيما جي ڪردار کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي. اميت جاني جو چوڻ آهي تھ اسين غلام حيدر سان سعودي ۾ ملي سگهون ٿا، ڀارت آيو تھ بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button