پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان گوشت بدران بک کي وڏو مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان ايڪسپريس انٽرٽينمينٽ جي نئين ڊرامي جو ٽيزر رليز ڪري ان ۾ پنهنجي ڪردار کي وائکو ڪندي ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ چوندي نظر آئي آهي. جڏهن تھ ماهرا خان ٽيزر سان گڏ مداحن کي ٽريلر 18 آگسٽ تي ئي رليز ڪرڻ جي آگاهي بھ ڏني آهي. ماهرا خان جاري ڪيل ٽيزر جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، جيئن تھ مسئلو گوشت ناهي، بک وڏو مسئلو آهي. ماهرا خان جو چوڻ هو تھ رضيا جي دنيا ۾ سڀني کي ڀليڪار چوان ٿي، جنهن جي اسٽوري مون کي متاثر ڪيو آهي. هوڏانهن ڊرامي جي مشهوري تماشا هوني ڪو هي جي عنوان سان هلندڙ آهي، جنهن ۾ ماڻهو وڏي پيماني تي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close