شوبز

ماهرا خان مضبوط عورت رضيا بڻجي وئي، ڊرامي جو ٽريلر جاري

پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان مضبوط عورت رضيا بڻجي وئي آهي، جنهن پنهنجي رضيا واري ڪردار سان ڊرامي جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان وڏي عرصي بعد منفرد ۽ بولڊ انداز ۾ ڊرامن ۾ واپسي ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس بولڊ ڪردار مليو آهي، ماهرا خان ايڪسپريس انٽرنيٽمينٽ جي نئين ڊرامي رضيا جو ٽريلر شيئر ڪيو، جنهن جي شروعات سندس مضبوط ۽ بولڊ لفظن سان ٿئي ٿي، ڊرامي جي ٽريلي ۾ ڪهاڻي جو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي، پر ٽريلر ۾ سماج ۾ عورتن سان بدسلوڪي، زيادتي ۽ حقن جو رخ نمايان طور ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي، هراسمينٽ ۽ ٻين اهم معاملن کي رضيا چٽو ڪيو ويو آهي. ماهرا خان ٽريلي جي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، مون هر عورت کي رضيا ڏٺو، اها ان جيان نظر آئي، ڇوتھ هي ڪهاڻي اسان سڀني جي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button