شوبز

ثروت گيلاني ايندڙ وقت ۾ سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا  ثروت گيلاني ايندڙ وقت ۾ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان هڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو تھ مون کي ڪيترين ئي سياسي جماعتن شموليت جي آڇ ڏني آهي، ڇاڪاڻ تھ مان هر وقت حقن بابت ڳالهائيندي آهيان، اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو تھ پنهنجي پارٽي ٺاهيان. هن چيو تھ مون سدائين عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، ڊرامن ۾ تشدد جو شڪار عورت نٿي بڻجي سگهان، ڇوتھ اهو زندگي جي مقصد سان فراڊ هوندو.

ثروت گيلاني جوائي لينڊ جي اسڪريننگ ۾ شريڪ آهي

هن ٻڌايو تھ پاڪستاني ڊرامن جي 26 قسطن ۾ ڇوڪري جي شادي، ڏير سان افيئر ۽ گهران نڪرڻ هجي ٿو، اهڙين ڪهاڻين کي نوجوان نسل ڏسڻ نٿو چاهي. هن چيو تھ جوائي لينڊ زبردست فلم آهي، ان جو اسڪرپٽ شاندا هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ آئٽم نمبر رڳو ڇوڪريون ڇو ڪن، آئٽم گيت مرد بھ ڪن تھ اسين عورتون بھ ان کي مزي سان ڏسون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button