پاڪستان جي مشهور ڊرامن ميري پاس تم هو، صدقي تمهاري، فلمن مين پنجاب نهين جائون گي ۽ ٻين فلمن جي ليکڪ خليل الرحمان قمر سپر اسٽار ماهرا خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ خليل الرحمان قمر ٻڌايو تھ منهنجو ماهرا سان عزت جو تعلق هو، اها فون ڪري ڪاوڙ ڪري ها تھ وضاحت ڏيان ها، پر هن جيڪو ڪريل ٻولي وارو موقف ڏنو، ان تي مان حيران آهيان. هن چيو تھ دوستن اسان جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي، ماهرا خان واقعي شاندار اداڪارا ۽ خوبصورت آهي، پر مان ساڻس گڏ ڪم نھ ڪندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close