شوبز

شمي ڪپور جي پٽ 67 سالن جي عمر ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪري ورتي

ممبئي: بالي ووڊ جي اڳوڻي سپر اسٽار شمي ڪپور جي پٽ 67 سالن جي عمر ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪري ورتي آهي. ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي منفرد انداز ۽ ڊانس ڪري شهرت ماڻيندڙ مرحوم شمي ڪپور جي پٽ اديتا راج ڪپور پنهنجي ڪاميابي جي خبر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو ته هن فلاسافي ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن بي اي جي ڊگري سان گڏ پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي. اديتا راج ڪپور چيو ته مون کي پڙهڻ جا ڪيترائي موقعا مليا پر انهن تي ڌيان نه ڏنو. وقت گذرڻ سان گڏ مون کي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ مون کي پنهنجي اندر ۾ خال محسوس ٿيو، مون تعليم جي اهميت کي محسوس ڪندي پنهنجي ڊگري حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان م ڪامياب رهيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button