پاڪستاني اداڪارا فاطما سهيل چيو آهي تھ مون پهرين شادي محبت جي ڪئي هئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ مون اڃا ٻي شادي ناهي ڪئي، اڪيلي امڙي طور پنهنجا ٻھ ٻار پاليان پئي ۽ ان زندگي ۾ خوش آهيان. هن جو چوڻ هو تھ ڪوشش باوجود شادي نھ بچائي سگهجي تھ پڇتائڻ جو ڪو جواز نھ آهي. هن چيو تھ زندگي کي امتحان سمجهي گذاريان پئي، وڏو وقت گذري ويو آهي، تنهنڪري هاڻ شادي ۽ طلاق ياد ناهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close