رانديون

ثانيھ مرزا پاڪستان ۽ ڀارت بابت سوالن مان بيزار ٿي وئي

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيھ مرزا پاڪستان يا ڀارت مان ڪنهن هڪ جي پاسي هجڻ وارن سوالن مان بيزار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ موجود ثانيھ مرزا مڙس شعيب ملڪ ۽ پٽ اذهان سان گڏ ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي آهي، جنهن ميزبان پاران سڀ کان وڌيڪ خراب سوال بابت پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو تھ مون کان هميشھ سوال ڪيو ويندو آهي تھ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان يا ڀارت مان ڪنهن جي سپورٽ ڪنديس، جنهن مان بيزار آهيان. هن مڙس شعيب ملڪ کان سوال ڪيو تھ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽينس مقابلو ٿيندو تھ ڪنهن جي سپورٽ ڪندين. شعيب وراڻيو تھ ظاهر آهي تھ زال جي سپورٽ ڪندس، پر مون کي ملڪ سان بھ محبت آهي، ثانيھ مرزا چيو تھ منهنجو بھ ساڳيو جواب آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button