تعارف
ناظم جوکيو سرداري نظام جي خاتمي ۽ ماحولياتي تحفظ جي تحريڪ جي علامت بڻجي چڪو آهي. عرب شڪارين کي تلور جي شڪار کان روڪڻ جي پاداش ۾ شهيد ڪيل ناظم جوکيي جو “انڪار” هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو پنهنجي اندر هڪ سچ کي سمائي ٿو ۽ اهو سچ اهو آهي ته سنڌ جي وجود جو سوال ٻين سڀني معاملن سان گڏ ماحولياتي تحفظ جو به سوال آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ به هن ڌرتي ماءُ (Mother Earth) جو اڻٽٽ حصو آهي. آفاقي سچ هميشه پنهنجو اظهار علائقائي، مخصوص ۽ انفرادي انڪار جي واقعن ۾ ڪندو آهي ۽ سماج جي شعوري ماڻهن جو فرض ان سچ سان وفا ڪرڻ ۽ ان سچ کي فڪري، نظرياتي ۽ عملي طور نروار ڪري سامهون کڻي اچڻ هوندو آهي. پورهيت مزاحمت شهيد ناظم جوکيو سان تاريخي انصاف ۽ سندس انڪار ۾ لڪل ان سچ کي نروار ڪرڻ جي هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي شهيد ناظم جوکيو ماحولياتي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو.
عالمي ماحولياتي سوال ڇا آهي؟
اسان جي ڌرتي جو ماحول (Global Climate) سج، ڌرتي جي اوزون ليئر، سمنڊ، هوا، برفاني خطن، درياهن، جيوت ۽ انساني سماج جو اهڙو نامياتي ڪُل آهي جتي هر عمل ۽ لقاءَ ٻي عمل يا لقاءَ سان انيڪ رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هماليا هندو ڪش تي رجندڙ برف جا گليشيئر سنڌو وادي جي ميدانن ۾ وهندڙ سنڌو جي وهڪري کي طئي ڪن ٿا ته وري بي آف بنگال مان ڦٽندڙ هوائون پوري ڏکڻ ايشيا جي مينهن جو فيصلو ڪن ٿيون. انٽارڪٽيڪا جي گليشيئرز جي رجڻ يا برازيل ۾ موجود دنيا جي سڀ کان وڏي جهنگ اميزون ۾ لڳندڙ باهه جا نتيجا دنيا ۾ سڀني سمنڊن ۽ عالمي گرمي پد تي پوڻا آهن. عالمي ماحولياتي گرمي (Global Warming) جو مطلب ڌرتي جي ماحول ۾ مجموعي گرمي پد (Temperature) جو وڌڻ آهي جنهن جو لازمي نتيجو برفاني خطن جو تيزي سان ختم ٿيڻ، سامونڊي چاڙهه، سامونڊي طوفانن، موسمن جي انتهائن، ڏڪار يا ٻوڏن ۾ يعني ماحولياتي تبديلي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو. مجموعي گرمي پد جي وڌڻ جو سبب اهي زهريليون گيسون (GreenHouse Gases) آهن جيڪي ڌرتي جي ايٽماسفئر ليول ۾ گڏ ٿي سج جي گرمي ۽ توانائي کي ڌرتي جي دائري ۾ ئي قيد ڪري رکن ٿيون، جنهن سان مجموعي گرمي پد وڌي ٿو. هونئن ته ڌرتي جي ايٽماسفيئر ليول جو ڪم به اهو آهي ته هو سج جي ڌرتي ڏانهن ايندڙ توانائي ۽ ان جي واپسي تي کيس قيد ڪري رکي جنهن کي سائنس “گرين هائوس افيڪٽ (Greenhouse effect) سڏي ٿي، جنهن سان ڌرتي جو ماحول مناسب سطح تي گرم رهي ٿو ۽ ائين زندگي وجود ۾ اچي ٿي پر سرمائيداري صنعتي دور جي شروعات کانپوءِ ڌرتي جي پيٽ ۾ پوريل فاسل فيول يعني تيل، ڪوئلي، گيس وغيره کي انسان ساڙڻ شروع ڪيو، زراعت ۾ دوائون استعمال ڪيون، پلاسٽڪ جو استعمال ڪيو ۽ ائين ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين، بليڪ ڪاربان وغيره جهڙيون گيسون ماحول ۾ گڏ ٿي هاڻ اضافي سج جي تواني کي قيد ڪري گرمي پد کي اضافي طور وڌائي رهيون آهن. سائنسدانن مطابق 19هين صديءَ جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 1C يعني هڪ سيلسيس کان وڌيڪ ڌرتي جو مجموعي گرمي پد وڌيو آهي ۽ جيڪڏهن سخت ماحولياتي اپاءَ نه ورتا ويا ته 2052ع تائين اهو 2C تائين ٿي ويندو. سائنسدانن مطابق ڌرتي جو مجموعي گرمي پد جيڪڏهن 2C ٿي ويو ته ان جي خطرناڪ نتيجن جي اڳڪٿي ڪرڻ ئي ممڪن ناهي ۽ تباهي جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو جنهن کي واپس ڪرڻ به ممڪن نه هوندو.
ماحولياتي نظريادانن مان ڪافي مفڪر ان سڄي سوال کي سياسي معاشي نظام کان الڳ ڪري ڏسن ٿا. جيتوڻيڪ انساني عملن پاران فطرتي توازن ۾ پيدا ڪيل اهڙين تڪڙين هاڃيڪار تبديلين سبب، جنهن جو ڌرتي جي تاريخ (Geological time) ۾ مثال نٿو ملي، سائنسدان ڌرتي جي تاريخ ۾ موجوده وقت کي “اينٿروپوسين دور ” (Anthropocene” چون ٿا جنهن جو مطلب انسان هاڻ هڪ اهڙي جيالاجيڪل حقيقت آهي جيڪو ٻين محرڪن کان وڌيڪ ڌرتي جي ماحول کي تبديل ڪري رهيو آهي پر پوءِ به فطري سائنس ان مخصوص سامراجي سياسي معاشي نظام کي نٿي سمجهي جيڪو بنيادي طور تي انهن هاڃيڪار تبديلين جي پويان ڪارفرما آهي.
سامراجي سرمائيداري نظام اهڙو نظام آهي جيڪو مارڪس مطابق ” فطرت کي مفت جي شيءَ سمجهي استحصال ڪري ٿو”. ان جو مطلب ته سرمائيداري معاشي نظام جتي هر شيءَ کي مارڪيٽ جي جنس ٺاهي منافعو ڪمائي ٿو، اتي هن جي فطرت سان ڏي وٺ ۽ ان جي جنسجڻ جو معاملو هن جي معاشي حساب ڪتاب مان غائب هجي ٿو. اها ان لاءِ مفت جو مال آهي. قديم پيداواري نظامن جي برعڪس جتي انسان فطرت جو احسان مختلف مذهبي رسمن، شاعري، ڏندڪٿا،ڪهاڻين ۾ ڳائيندو رهيو آهي اتي جديد معاشي ماڊل تسخير ڪائنات کي پنهنجو نصب العين سمجهي ٿو. مثال سرمائيداري اقتصاديت جڏهن ملڪ جي قومي پيداوار ۾ واڌ يا گهٽتائي جو ڪاٿو لڳائيندي آهي ته ان ۾ صرف قومي صنعتي پيداوار، سهولتن، انڪم وغيره جي واڌ يا گهٽتائي جو ذڪر ڪندي آهي پر ان قومي پيداوار دوران فطرت جو ڪيترو نقصان ٿيو، ان کي ڪيترو بچايو ويو، ماحولياتي نقصان جو مالياتي ڪاٿو ڪيترو آهي وغيره جهڙا معاملا گم هوندا آهن. ان ڪري سرمائيداري پنهنجي پوري تاريخ ۾ ڌرتي جي ماحول کي معاشي واڌ ۽ منافعي لاءِ تباهه ڪندي رهي آهي ۽ 19هين صديءَ کان ايندڙ ماحولياتي تبديليون ان نقطي تي پهتيون آهن جتي هاڻ ڌرتي ۽ انسان ذات جو وجود خطري ۾ آهي.
جتي اهو خطرو وڌيو آهي اتي دنيا ۾ عالمي ماحولياتي تحريڪ به تيز ٿي چڪي آهي. سيپٽمبر 2019ع ۾ عالمي ماحولياتي هڙتال ان جو نمايان اظهار هو جنهن ۾ لکين انسانن حصو ورتو، اتي سنڌ ۾ پورهيت مزاحمت به انڊس ڊيلٽا جي تحفظ جي سوال کي ان هڙتال سان ڳنڍي ڪري 22 سيپٽمبر 2019ع تي ٺٽي ۾ هڪ شاندار جلوس ڪڍي ان عالمي يڪجهتي ۾ هڪ ننڍڙو حصو وڌو هو. ان عالمي ماحولياتي تحريڪ سبب سرمائيدار رياستون ۽ سربراهه عالمي فورمن تي ويهي ماحولياتي معاهده ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
گڏيل قومن جي نگراني هيٺ هن ئي مهيني گلاسگو اسڪاٽلينڊ ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ٿي گذري جنهن جي نتيجي ۾ گلاسگو ماحولياتي معاهدو وجود ۾ آيو. ان معاهدي تحت شريڪ ملڪن کي پنهنجي ڪاربان گئس جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ “قومي حصو” (National Determined Contributions) طئي ڪري پڌرو ڪرڻو پوندو ته جيئن پهرين مرحلي ۾ مجموعي گرمي پد کي 1.5C اندر محدود ڪيو وڃي.
(هلندڙ)