سنڌ

“يوسي پڪو سيتا هارڊ ايريا ۾ شامل ڪريو” سيتاوليج ۾ احتجاج

دادو تعلقي جي يوسي پڪو سيتا کي تعليم کاتي پاران هارڊ ايريا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف يوسي جي نوجوانن انيس ميمڻ، شھمير سومرو، عرفان ميمڻ، ياسين خاصخيلي، سھيل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيتا وليج ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته هر سال ٻوڏ سبب اسان جي يوسي سخت متاثر ٿئي ٿي، اسان جو ڳوٺ بند جي اندر هئڻ ڪري ٻوڏ جي پاڻي سبب نقصان ٿيندو آهي، تنهن باجود تعليم کاتي پاران يوسي پڪو سيتا جو نالو هارڊ ايريا ۾ شامل ناہي ڪيو ويو. ھنن چيو ته علائقي جي تعليم پوئتي پيل آھي، هاءِ اسڪول ۽ اسپتال به ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن، هنن چيو ته يوسي پڪو سيتا کي نظر انداز ڪري مريد لاکير، بالي شاهه، عبدالحميد جتوئي ۽ ٻين جا نالا هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيا ويا، جيڪي متاثر ئي ناهن، نوٽيس وٺي يوسي پڪو سيتا کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button