
حيدرآباد ۾ سرور ملاح جي پلاٽ تي قبضي خلاف راڌڻ واسي پورھيت انور ملاح فريدآباد ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته حيدرآباد ۾ منهنجي ڀا سرور ملاح جي پلاٽ تي بااثرن افتخار آرئين، جعمو بروھي، رمضان بروھي، غلام قادر ملاح، امتياز ملاح، مصطفي ملاح ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي، منهنجي ڀا ۽ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن، ھن چيو ته منهنجي ڀا سرور ملاح ۽ مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار قبضي خور ھوندا. ھن گھر ڪئي ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.