پاڪستانسنڌ

پشاور ۾ جيالن جي رستا روڪ، نثار کهڙو ۽ پاشا قاضي پاران مذمت

پشاور: پشاور ۾ پ پ جي يوم تاسيس جي جلسي ڏانهن ويندڙ رستا پشاور پوليس مختلف رڪاوٽون رکي بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب جيالن کي جلسي گاهه پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. حيدرآباد مان پ پ اڳواڻ پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ ويل ڪارڪن به جلسي گاهه پهچي نه سگهيا، بعد ۾ پاشا قاضي پاران مرڪزي قيادت سان رابطو ڪري رڪاوٽون هٽرايون، جنهن بعد جيالا جلسي گاهه پهتا. هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي پاشا قاضي چيو ته ڪي پي ڪي سرڪار پ پ جو يوم تاسيس وارو جلسو ناڪام ڪرڻ لا ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي آهي، جلسي گاهه ويندڙ سمورا روڊ بند ڪيا ويا، اهڙو عمل جمهوريت تي وار آهي، عمران سرڪار پ پ جي جلسي کان بوکلائجي اهڙيون حرڪتون ڪري رهي آهي. هوڏانهن پاشا قاضي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ پ پ چيئرمين جي ڪوآرڊينيٽر جنيد سليم جي ڊي ملاقات پڻ ڪئي، جنهن دوران اڳواڻن مختلف خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ جيالن جي رستا روڪ جي مذمت ڪئي. ٻئي پاسي پاشا قاضي پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي سان گڏ جلسي گاهه ۾ اسٽيج جو جائزو به ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button