سنڌ

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ لطيف جو ڏهاڙو ۽ سالياني ايوارڊ تقريب

حيدرآباد جي آ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ لطيف جو ڏهاڙو ۽ سالياني ايوارڊ تقريب جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن لطيف جا بيت ۽ ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، جڏهن ته گرلز هاسٽل جي شاگردياڻين سسئي پنهون، ڄام تماچي سميت مختلف ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اسڪول جي سالياني پروقار تقريب ۾ اسڪول جي پوزيشن ماڻيندڙ هوشيار شاگردن کي أڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ پرنسپال عمران احمد لاڙڪ ايوارڊ ڏنا. جڏهن ته ٽيبلوز، ڪلام، لطيف جا بيت، ڪوئيز ڪامپٽيشن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي ميڊلز ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سندس والدين، مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي استادن، شاعرن، لطيف جي پارکو، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي آ بي اي پبلڪ اسڪول جي پرنسپل عمران احمد لاڙڪ چيو آهي ته سالياني ايوارڊ تقريب سان گڏ لطيف جو ڏهاڙو به ملهائيندا آهيون، جنهن ۾ شاگردن وڏي مهارت سان لطيف جا بيت ۽ ڪلام ڳائي ٽيبلو پيش ڪيا آهن. هن چيو ته پبلڪ اسڪول آ بي اي جي حوالي ٿيڻ کانپو وڏي تيزي سان ترقي ڪئي آهي، هن وقت اسان وٽ شاگردن جو انگ ٽيڻو ٿي چڪو آهي ۽ هاسٽلون ڀرجي ويون آهن ۽ مجبورن ٻاهر ڪرائي تي خانگي 3 بنگلا وٺي شاگردن کي رهائش ڏني آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان اسڪول ۾ جديد سائنسي ليبارٽريون قائم ڪرڻ سميت شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سکيا ڏيئي جديد دور سان سلهاڙي کين سماج جو ڪارائتو حصو بڻائي سگهان. آخر ۾ آ بي اي انتظاميا پاران شاگردن، والدين ۽ صحافين لا عاليشان ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button