دنيا اڃان تائين ڪووڊ 19 جو ڌڪ پوري طرح پچايو به نه هو ته ڪورونا جو ٻيو قسم اومي ڪرون پوري دنيا تي حملا آور ٿيو آهي. اولهه جا اهي ملڪ جيڪي ڪووڊ19 جا احتياطي اپاءَ ڪري ساهه پٽي مس ويٺا هئا، انهن جي مٿان وري نئين قسم جو وائرس ڪڙڪي پيو آهي. هونءَ ته ڪورونا انسان جو سڀ کان وڏو دشمن تي آڏو آيو پر ان وائرس نه رڳو انساني جانيون ختم ڪيون پر پوري دنيا کي ايترو ته معاشي جهٽڪو ڏنو جو ان سبب ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجيون وجود وڃائي ويٺيون ۽ جيڪي ادارا کٽ تي ويٺل هئا، اهي پٽ تي اچي ڪريا آهن. اهڙو ڪو ملڪ پوري دنيا ۾ ڪونهي، جيڪو ڪورونا جي اقتصادي حملي جو شڪار نه ٿيو هجي ۽ هن جا معاشي هڏگڏ نه ڀڳا هجن.
پاڪستان تي به ڪورونا جو اثر نه وسرڻ جوڳو آهي پر اها به حقيقت آهي ته ڪورونا ٻين گهڻن ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي گهٽ نقصان رسايو. ان جو سبب اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته پاڪستان حڪومت ڪورونا کان بچڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪيو ۽ سختيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪيو پر اصل حقيقت اها آهي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو اڳواٽ ايترين سخت حالتن ۾ رهن ٿا، جو انهن وائرس جو وڍ به سهسائي ورتو. هن وقت جڏهن ڪورونا جو نئون قسم جنم وٺي چڪو آهي، تڏهن معلوم ناهي ته پاڪستان جو اهو ڪهڙا حال ڪندو؟ ڇو ته وزير اعظم جي صحت واري صلاحڪار اهو چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي نئين قسم کي ڪنهن به طرح سان روڪي نه ٿو سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن ملڪ جا شهري وري هڪ نئين مصيبت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪن پر سوال اهو آهي ته پاڪستان جو پيڙيل عوام ان وبا سان سينو ڪيئن ساهي سگهندو؟ ڇو ته پاڪستان هن مهل معاشي طور تي وڏي مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اخبار جي جنهن صفحي تي نئين ڪورونا وائرس جي وار جو اطلاع ڏنو ويو آهي، ان ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ آءِ ايم ايف جي آڏو مجبور ٿي نئين مني بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي اهو پتو هجڻ گهرجي ته مني بجيٽ ڇا هوندي آهي ۽ جڏهن اها مني بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عائد ٿيندي ته ان سبب عوام ڪيتري اقتصادي آزمائش ۾ پوندو؟ اسان ته ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون. ڇو ته هن مهل ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي. هن وقت پاڪستان اقتصادي بحران جي آگ ۾ جلي رهيو آهي ۽ مني بجيٽ ان مٿان پيٽرول جو ڪم ڪندي. هونءَ به غريب ۽ مسڪين ملڪن جي مقدر ۾ اهو ئي هوندو آهي ته ان جي ماڻهن کي تيل مهانگو ملندو آهي پر مسئلن جو مچ مچائڻ لاءِ ڪتب ايندڙ تيل جي مٿان ڪا به پابندي نه هوندي آهي. اهو هڪ تمام وڏو آزمائشي مرحلو آهي. پاڪستان اقتصادي حوالي سان هن مهل ان حد تان گذري رهيو آهي، جڏهن خطري جون گهنٽيون پوري شور سان وڄنديون آهن.
اسان جو ملڪ هونءَ به پهرين ڏينهن کان وٺي معاشي بحران جي حوالي رهيو آهي ۽ هن مهل ملڪ جي سهپ جو سڀ کان حساس مرحلو آهي. پاڪستان ۾ اقتصادي طور تي اهڙا ته سخت ڏاڪا اچي ويا آهن جو ان چاڙهيءَ مان چڙهڻ لاءِ نه رڳو حڪومت پر مخالف ڌر جا گوڏا به ڏڪي رهيا آهن. ڇو ته سڀني سياسي پارٽين کي معلوم آهي ته جيترو قرض کڻڻو هو، ايترو قرض اڳُوڻين حڪومتن کڻي ورتو آهي. هاڻي ته آءِ ايم ايف توڙي ٻيا عالمي ادارا اسان جي ملڪ کي امداد ته ماڳ پر قرض ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن. جيڪڏهن هو قرض به ڏين ٿا ته ان جون شرطون ايتريون ته سخت آهن جو ملڪ کي هلائيندڙ هٿ ٺري وڃن ٿا.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ کي ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ ۾ اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ٿيڻ ضروري هو. جيڪڏهن هو ترڪيءَ ۽ چين جهڙن ملڪن جي نمائندن سان ملي ٿي سگهيو ته جيئن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسين کان آگاهه ٿي سگهي ته هن کي پاڻ نه ته پنهنجي پارٽيءَ جي ڪنهن اهڙي اڳواڻ کي تيار ڪرڻ کپندو هو، جيڪو اقتصاديات تي مهارت رکندو هجي. عمران خان صرف اهو سمجهيو هو ته جيڪڏهن ڪرپشن تي ڪجهه ڪنٽرول ڪبو ته ملڪ ۾ معاشي اڀار اچي ويندو پر هن جو خيال مڪمل طور تي غلط ثابت ٿيو. هن جي اها سوچ به سچ نه ٿي سگهي ته هن جهڙي شخص جي حڪمران ٿيڻ سبب پوري دنيا پاڪستان جي معاشي مدد ڪندي. هن مهل عمران خان پاڻ ٻڌائي ته جن ملڪن ۾ هن کي اميد هئي، انهن ملڪن جو رويو ڪهڙو آهي؟
ڪورونا وائرس هڪ اهڙو وائرس ثابت ٿيو، جنهن آمريڪا ۽ چين جهڙي ملڪ کي به معاشي طور تي رڪ جا چڻا چٻرائي ڇڏيا ۽ هاڻي جڏهن ڪورونا جو نئون وائرس ملڪ جي مٿان حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ته ملڪ جي لاءِ مشڪل اها بڻجي وئي آهي ته هو ان صورتحال ۾ معاشي پاسي تي ڌيان ڌري يا پنهنجن شهرين جي حياتيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري. پاڪستان جي سلسلي ۾ اصل حقيقت اها آهي ته اسان جي ملڪ لاءِ ٻيئي پار ڳورا بڻجي ويا آهن ۽ حڪمران حيرت ۾ آهن ته هو ڪهڙو داءُ کائن ۽ ڪهڙو داءُ گسائن؟
حڪومت لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هن جو ويزن ڪليئر هجي ۽ هن جي مٿان عوام جو ڀرپور اعتماد هجي ته ان صورت ۾ اها ڪو ڪارنامو ڪري سرانجام ڏئي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف جي حڪومت وٽ ٻيئي شيون موجود نه رهيون آهن. عمران خان جو ويزن مڪمل طور تي هوائي ثابت ٿيو ۽ هن تي هاڻي عوام جو اهو سيڪشن به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن عوام هن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو هو. اهي واعدا ۽ اهي اعلان جيڪي ڪڏهن عمران خان جي سياسي شهرت ۽ عوامي مقبوليت جو سبب هئا، اهي هاڻي اهڙا لطيفا بڻجي ويا آهن، جن تي گهڻي وقت کان وٺي ملڪ جي ماڻهن کلڻ به ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ملڪي عوام لطيفن تي کلڻ ڇڏي ڏئي ته ان جو مطلب تمام ڏکيو هوندو آهي ۽ ان مطلب جي چاڙهيءَ تان چڙهندڙ ملڪ کي هن مهل ڪورونا جي نئين قسم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي. اها تمام خطرناڪ صورتحال آهي ۽ پاڪستان ان کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ بلڪل به نظر نه ٿو اچي. تحريڪ انصاف جي حڪومت آخر عام ماڻهوءَ جي مٿان ڪيترو بار وجهندي؟ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هر سهپ جي هڪ حد هوندي آهي. جيڪڏهن معاشي بار عوامي صبر کان اڳتي نڪري ويو ته پوءِ جيڪا انارڪي پيدا ٿيندي، ان جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي. پاڪستان کي ان مرحلي مان ڪيئن بچائجي؟ صلاحون ڏيڻ وارن جي ته ڪا گهٽتائي ناهي پر ملڪ جي فيصلن جون واڳون حڪومت جي هٿ ۾ آهن ۽ حڪومت مڪمل طور تي بي پرواهيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ان مظاهري ۾ عام ماڻهو پاڻ کي تمام گهڻو بيوس محسوس ڪري رهيو آهي.
ڇا حڪمران اهو سمجهن ٿا ته ڪورونا جي نئين حملي وقت دنيا پاڪستان جي دل کولي مدد ڪندي؟ ان سوال جو جواب مثبت ٿي سگهي ها پر هن وقت ڪورونا جي سلسلي ۾ جيڪا آڊٽ ٿي آهي ۽ ان ۾ جيڪو پتو پيو آهي ته ڪورونا جي نالي ۾ اربن نه پر کربن جي ڪرپشن ٿي آهي ته ان صورتحال ۾ اسان عالمي امداد جو ڪيترو آسرو رکي سگهون ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه ان حڪومت جي دور ۾ ٿيو آهي، جنهن حڪومت جو اهو عزم هو ته هوءَ ڪرپشن کي جڙ کان ڪڍي اڇلائيندي. جيڪڏهن حڪومت ڪرپشن خلاف مضبوط قدم کنيا آهن ته پوءِ ڪورونا جهڙي معاملي تي ڪرپشن ڪيئن ٿي آهي؟ هن حڪومت کي ته عالمي الزامن خلاف سينو ساهي بيهڻ کپندو هو پر هيءَ حڪومت نه صرف اڳوڻين حڪومتن کان بهتر ثابت ٿي نه سگهي آهي پر عام ماڻهو به اهي الزام مڙهي رهيو آهي ته اڳوڻيون حڪومتون گهڻن رخن ۾ هن حڪومت کان بهتر هيون. حڪومت جي سربراهه کي اهڙي موقعي تي اچي پنهنجي حڪومت جو دفاع ڪرڻ گهرجي پر عمران خان جيڪا اکيون نه ملائڻ واري روش شروع ڪئي آهي، ان جو ٽوڙ ته ڪنهن وٽ به ڪونهي. ملڪ جي روايتي ميڊيا يا عوام جي سوشل ميڊيا نه صرف دانهن نه ٻڌڻ جي شڪايتن سان ڀري پئي آهي پر ان سان گڏ ميڊيا جي مٿان جيڪي سرڪاري سختيون ٿي رهيو آهن، ان جو ڪو حل نظر نه ٿو اچي. ڇا اسان مريض جي علاج جو اهو رستو ڪڍيو آهي ته اسان هن جو دانهون ۽ آهون ٻاهر نڪرڻ نه ڏيون؟
اظهار جي آزاديءَ جو جيڪو حشر موجوده حڪومت ڪيو آهي، اهو ته اسان جي اکين آڏو آهي پر هاڻي جڏهن درد جي دانهن نه ڪرڻ جا جيڪي قانون عمل ۾ اچي رهيا آهن ته انهن جو مزاج تمام گهڻو بيحس ۽ ماڻهن جي مٿان ڪنهن به قسم جو قياس نه کائڻ وارو آهي. پاڪستان لاءِ ايندڙ ڏينهن ڪهڙي اذيت ۽ آزمائش آڻي رهيا آهن؟ ان جو پورو پتو ته عوام کي ناهي پر جيڪو ڪجهه ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، اهو عوام جي حق ۾ هرگز نظر نه ٿو اچي. عمران خان جي حڪومت هن ڀيري به عوام کان ملڪ جي لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ چوندي پر حڪومت کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته ملڪ ۽ عوام جي وچ ۾ اهو ليڪو نه ڪڍڻ گهرجي، جنهن ليڪي سبب وڇوٽي پيدا ٿيندي آهي. ملڪ ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلو وڏو فرق پيدا ڪندو آهي. ان ڪري عام ۽ سطحي قسم جا جذباتي لفظ استعمال ڪرڻ بدران حڪومت کي دردن جو درمان ڪرڻ گهرجي ۽ کيس اهو ڪرڻ کپي، جنهن جي لاءِ هو اقتدار ۾ آئي آهي. هن وقت ڪورونا جي نئين قسم جو حملو آهي ۽ ان ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو مطلب زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي.