ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مني بجيٽ

Editorial

حڪومتي سطح تي ڪنهن به معاملي بابت جيڪڏهن ڪا وضاحت اچي ته سمجهڻ گهرجي ته حڪومت غلط بياني ڪري رهي آهي. ڪجهه وقت اڳ ئي خزاني واري مشير شوڪت ترين اسيمبلي جي فلور تي چيو هو ته عمران خان آ ايم ايف آڏو سينو سپر ڪري بيهي رهيو آهي، هو غريب عوام تي بار نه وجهندو ۽ ان کان اڳ ۾ عمران خان پاڻ به چوندو رهيو آهي ته اسين غريبن تي معاشي بار نه وجهنداسين پر ٿيو بلڪل انهي جي ابتڙ آهي. هاڻوڪي حڪومت عوام تي مالي بار وجهڻ جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن کان پو عوام اهو سوچي رهيو آهي ته اڃا ڪهڙو ٽيڪس رهيل آهي، جيڪو حڪومت عوام مٿان لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي. هن وقت سڄو ملڪ آ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي. آ ايم ايف جيڪي به شرط حڪومتي آڏو رکي ٿو ته حڪومت انهن کي بنا ڪنهن اعتراض جي قبوليندي دير ئي نٿي ڪري، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي پر ملڪي سطح تي به ترقي کي بريڪ لڳي ويو آهي. ڇا حڪومت کي اهو اندازو ناهي ته ڪجهه مهينا اڳ ئي ان بجيٽ آندي آهي، جنهن ۾ عوام تي ڳرا ڳرا ٽيڪس مڙهيا ويا آهن. ان کان پو هاڻ هڪ ڀيرو وري آ ايم ايف جا شرط قبول ڪري وري مني بجيٽ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن کان پو ٽڪو پيسو عوام کي جيڪو رليف ملي رهيو هو، سو به ختم ٿي ويندو. اهڙي ريت عوام لا هر قسم جي ڇوٽ ڄڻ ته ختم ٿي ويندي. هاڻ اهڙي حالت ۾ عوام کي ڪهڙو رليف ملي سگهندو ۽ عوام جو گذر ڪيئن ٿي سگهندو. ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت هڪ ڀيرو وري بجلي جون قيمتون وڌائڻ واري آهي. هن حڪومت مان ڪابه خير جي خبر نٿي ملي. تازو ئي حڪومت جيڪي شرط آ ايم ايف جا مڃيا آهن، انهن تي جلدي عمل ڪيو ويندو.
حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان طئي ڪيل شرطن تحت مني بجيٽ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومت چوٿين ٽيڪس قانونن ۾ ترميم واري آرڊيننس کي بل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ترميمي فنانس بل ۾ شيڊيول 6 ختم ڪيو ويندو. ڇهين شيڊيول جي خاتمي سان 350 ارب رپين جون ٽيڪس مراعتون ختم ٿي وينديون. پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جو هدف 600 ارب رپين مان گهٽ ڪري 356 ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب موبائل فون، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حڪومت برآمدن کانسواءِ زيرو ريٽنگ تان به سيلز ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺندي، جن شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ وڌيڪ آهي، انهن تي اسٽينڊرڊ سيلز ٽيڪس ريٽ 17 سيڪڙو لاڳو ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته خاص شعبن کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ کي به ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌائڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ جي تجويز آهي. هلندڙ مالي سان لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 5829 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ترقياتي پروگرام ۾ 200 ارب رپيا گهٽ ڪرڻ جي تجويز به ترميمي بل جو حصو آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ قسط وصولي لاءِ انهن قدمن تي جلد عمل ڪرڻو پوندو، جڏهن ته پاڪستان کي 12 جنوري 2022 کان اڳ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻو آهي. ترميمي بل ڪابينا جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
هي حڪومت عوام کي اهي آسرا ڏيندي رهي آهي ته اها ڪنهن به ريت عوام تي ڪو وڌيڪ معاشي بار نه وجهندي. وزير اعظم عمران خان اپوزيشن واري زماني ۾ چوندو هو ته اسين حڪومت ۾ اينداسين ته ڪڏهن پيٽرول نه وڌائينداسين ان سان عوام تي بار پوي ٿو ۽ ڪڏهن به اسين عوام تي مهانگائي جو بار نه وجهنداسين ۽ نه ئي آ ايم ايف آڏو هٿ ٽنگي خيرات گهرنداسين پر هن اهو سڀڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن لا پنهنجو پاڻ کي روڪيندو رهندو هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پي ٽي آ جي حڪومت ۾ ملڪ جي معاشي حالت ڪهڙي ٿي وئي آهي. هڪ پاسي بيروزگاري آهي ٻئي پاسي مهانگائي آهي ۽ جڏهن حڪومت کان عوام رليف گهري ٿو ته جواب ۾ چيو وڃي ٿو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته مني بجيٽ اچڻ سان عوام لا پريشاني وڌي ويندي، جنهن جا عوام تي نفسياتي اثر به پوندا. ان ڪري ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪرڻ لا ڪو لائحه عمل جوڙيو وڃي ۽ ان کانسوا ملڪ جا سڀئي معاشي معاملا آ ايم ايف جي حوالي نه ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته ان سان ايندڙ وقت ۾ وڏي تباهي ايندي. ڇهن مهينن کان پو وري بجيٽ آندي ويندي. جنهن سان عوام تي اڃا به بار پوندو. شايد حڪومت اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هر قسم جي ٽيڪس اوڳاڙي عوام کان ئي ڪرڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button