اردوءَ جي هڪ شاعر جو خوبصورت ۽ دل ۾ لهي ويندڙ شعر آهي:
“قاتل کي ڪهڙي خبر ته هڪ ماءُپنهنجي ٻار کي
ڪيتري مشڪل سان جوان ڪندي آهي!!”
ڪراچيءَ ۾ ڪرائي جي قاتلن لاءِ اهو شعر آئينو آهي. اهو آئينو، جنهن ۾ پنهنجو اصل عڪس ڏسڻ کان بچڻ لاءِ اڪثر قاتل پنهنجي منهن مٿان نقاب چاڙهي گهمن ٿا. اهو نقاب فيس ماسڪ به ٿي سگهي ٿو. اهو نقاب منهن ڍڪڻ وارو رومال به ٿي سگهي ٿو. اهو نقاب اها هيلمٽ به ٿي سگهي ٿي، جيڪا اهي ٻه موٽرسائيڪل سوار پنهنجي چهري تي چاڙهي آيا هئا. اهي ٻه موٽرسائيڪل سوار جن مان هڪ هيٺ لهي، عرفان علي مهر تي ان وقت تائين گوليون وسايون، جيستائين هن کي اها پڪ نه ٿي وئي ته عرفان جي پساهن جو پکيئڙو هن جي شڪستا جسم جي پڃري مان نڪري پرڙا هڻي نيري آڪاس ۾الوپ نه ٿي ويو. اهو هڪ تمام وڏو جرم هو. هڪ اهڙو جرم جيڪو ڪڏهن ڪراچيءَ ۾عام جام هو. پر ڏکن جا ڏينهن فطري طور جلد وسري ويندا آهن. هاڻي اسان کي چٽي ريت ياد به ناهي ته ڪهڙي ريت ڪراچيءَ ۾انساني حياتين سان موت جا رانديگر بيرحميءَ سان رانديون کيڏندا هئا! اهو دور اهڙو هو، جنهن دور ۾ شام جو آخري رپورٽ فائيل ڪرڻ کان کان اڳ ۾اخبارن جا ڪرائيم رپورٽر ٿاڻن، اسپتال جي ايمرجنسين ۽ ايڌي سينٽر تان ڪال ڪرڻ کانپو نيوز پرنٽ سلپ تي حساب لڳائي نيوز ايڊيٽر کي ان سوال جو جواب ڏيندا هئا ته “اڄ ڪيترا؟” اهي تمام وحشي ڏينهن هئا. جن ڏينهن ۾ انسانن جا تشدد ٿيل لاش ٻورين ۾ بند ملندا هئا. وحشت سان ڀرپور انهن ڏينهن ۾ اردوءَ جو اهو شعر تمام گهڻو مشهور ٿيو هو ته:
“ڀاڳتي ڪتي ني اپني ساٿي ڪتي سي ڪها
ڀاڳ ورنه ،آدمي ڪي موت مارا جائي گا!!”
اهو وقت هن شهر جا شهري ۽ نه رڳو ان شهر جا شهري پر هن ديس جا انسان ڪنهن به ريت ياد نه ٿا ڪرڻ چاهين. ڇو ته انسان جي اڪثر يادگيرين ۾اذيت جو عنصر وڌيڪ هوندو آهي.
اسان ماڻهو سورن ڀريون ساروڻيون وسارڻ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيون پر ان ڏينهن اسان جي ذهنن تي ڪراچيءَ جي شمشان وقت جون ويرون پوري شدت سان وري آيون، جڏهن سوشل ميڊيا تي عرفان مهر جي قتل جون اهي وڊيو ڪلپس تمام گهڻي انگ ۾ هلڻ لڳيون، جيڪي ان ماڳ تي هلندڙ سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان حاصل ڪيون ويون هيون، جنهن ماڳ تي عرفان مهر کي قتل ڪيو ويو.
عرفان مهر کي آڌي رات جو قتل نه ڪيو ويو. عرفان مهر کي ان مهل به خون نه ڪيو ويو، جڏهن سانجهيءَ جو سج ڪراچيءَ جي گدلي آسمان تان سرڪي سمنڊ ۾ ٽٻي ڏيڻ وارو هوندو آهي. عرفان مهر کي ان مهل قتل ڪيو ويو، جڏهن صبح جي ابتدا ٿي هئي. جڏهن ملازم اکين مان ننڊ ڌوئي آفيسن ڏانهن وڃي رهيا هئا ۽ ٻار اسڪولن ۾ قومي ترانا ورجائي رهيا هئا. جڏهن سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارن مان “پاڪ سرزمين شاد باد” جون صدائون اچي رهيون هيون. ان مهل هڪ انسان ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو. قاتل هن جي انتظار ۾ هئا. عرفان مهر به پنهنجن ٻارن کي اسڪول ڊراپ ڪري گهر ڏانهن موٽي رهيو هو. هن جا قاتل سي سي ٽي وي فوٽيج مطابق روڊ تي بيٺا هن جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ جيئن هن جي گاڏي گهٽيءَ ۾ مڙي ته هو هن ڏانهن لڙيا ۽ هن جي گاڏيءَ وٽ هڪ هٿيار بند همراه بنا ڪنهن خوف جي لٿو ۽ هن عرفان مهر جي مٿان گولين جو مينهن وسائي ڇڏيو. وڊيو فوٽيج ۾ اهو به نظر اچي ٿو ته هن جي ڪا گولي ڄڻ ته نه هلي يا چيمبر ۾ ڦاسي پئي ۽ هو پنهنجي پستول کي ٻيهر لوڊ ڪندي عرفان مهر مٿان باقي فائر ڪندي اهو اطمينان ڪري واپس موٽر سائيڪل طرف وريو ته هن جو ٽارگيٽ حاصل ٿي چڪو. عرفان مهر قتل ٿي ويو. اهو عرفان مهر جيڪو هڪ انسان هو. هڪ اهڙو انسان جيڪو قانوندان هو. جيڪو انصاف لاءِ ويڙهه ڪندو هو. هن جي قتل تي ڪارن ڪوٽن وارا وڪيل سراپا احتجاج ٿي ويا. ڇو ته هو ڪراچي بار ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل هو.
هڪ زندگيءَ جو سفر ڪٿي ختم ٿيو؟ اها زندگي جنهن اتر سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور جي ڀرواري شهر ڳڙهي ياسين ۾ جنم ورتو. هن ڪهڙن ڏکن سورن سان پنهنجو علمي سفر پورو ڪيو؟ ان جو پتو سندس ابي امان ۽ هن کي معلوم هو. هو هڪ سيلف ميڊ ماڻهو هو. هو تمام گهڻو بهادر ۽ انتهائي محنتي انسان هو. ان ڪري ته ٽن ڪروڙن جي وڏي شهر ۾ هو ان منزل تائين پهتو. ايستائين پهچڻ لاءِ انسان کي تمام وڏا ڪشالا ڪرڻا پوندا آهن. اها حيثيت حاصل ڪرڻ آسان نه هوندي آهي. اها به ٻهراڙيءَ جي ان ٻار لاءِ جيڪو لسي پي وڏو ٿيو هجي. جيڪو پرائيويٽ اسڪولن ۾ نه پر پيلي رنگ جي انهن اسڪولن ۾ پڙهيو هجي، جن جو معيار تمام ناقص هوندو آهي. جن جون ڇتيون ڇڻنديون آهن. جن جون ڀتيون ڀرنديون آهن. انهن اسڪولن ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪراچيءَ جهڙي ڪامپٽيشن سان ڀريل شهر ۾ پنهنجي حيثيت کي مڃائڻ تمام مشڪل هوندو آهي ۽ عرفان مهر اهي ڏکيا ڏاڪا چڙهيا ۽ هو نيٺ ان هنڌ تي پهتو، جتي دوست به گهڻا هوندا آهن ۽ دشمنن جي انگ ۾ به گهٽتائي نه هوندي آهي.
عرفان مهر تمام گهڻو امير نه هو. هڪ ڪجهه سکيو مڊل ڪلاسي هو. هو ڪراچيءَ جي نئين اڀريل علائقي گلستان جوهر جو رهواسي هو. هو ان علائقي جي بهتر اسڪول ۾ پنهنجا ٻار پڙهائيندو هو. هو چاهيندو هو ته هن جو اولاد اهي ڏک نه ڏسي جيڪي هن ڏٺا. پر ايترو وڏو ڏک جيڪو هن جي ٻچڙن جي حصي ۾ آيو، اهو ته ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو. اهي ٻار جيڪي اسڪول کان واپس ورايا ويا ۽ جن کي ٻڌايو ويو ته اوهان جو والد قتل ٿي چڪو آهي. هاڻي انهن ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ انهن جو والد نه ويندو. ڇو ته هو قانوندان هوندي به ڪراچيءَ جي شديدترين لاقانونيت جي ور چڙهي ويو. هن جوڏوهه آخر ڪهڙو هو؟ ڇا ايتري محنت ۽ مشقت ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جهڙي آباديءَ سان ڇلڪندڙ شهر ۾ پنهنجو مقام ۽ پنهنجي مڃتا پيدا ڪرڻ ڪو ڏوهه آهي؟
عرفان علي مهر جي قتل پويان ڪهڙيون قوتون آهن؟ اڃان تائين سنڌ سرڪار توڙي پوليس کاتي سوال جو جواب نه ڏنو آهي. پر ان هڪ قتل سان ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگس جا سمورا پراڻا سور جاڳي پيا آهن. هن وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رڳو عرفان مهر جي قاتلن جي پويان نه هوندا پر هو انهن فردن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻا الرٽ ٿي ويا هوندا، جن جي سلامتيءَ جي باري ۾ انهن کي کٽڪو هوندو ۽ رڳو پوليس ڇو؟ عام ماڻهو به ان قتل جي شاڪ ملڻ کانپو ڇرڪي ويا هوندا. خاص طور تي اهي وڪيل جيڪي ڪجهه وقت کان وٺي سنڌ ۽ سچائيءَ جا ساٿاري بڻجي عدالتن مان ڇڪي انصاف حاصل ڪري رهيا هئا. جيڪي سنڌ مٿان مڙهيل شرمناڪ منصوبن جا مخالف هئا. جيڪي سردارن هٿان قتل ٿيل مسڪين ماڻهن جا ڀرجهلا هئا. جيڪي غريب ۽ لاوارث نياڻين جا وارث بڻجي قانوني جنگ وڙهي رهيا هئا. هاڻي انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ تمام گهڻو سوچڻو پوندو. ڇو ته عرفان مهر جو قتل صرف هڪ وڪيل جو قتل ناهي پر هن جو قتل خون ۾ پسيل اهو خط آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پرامن انسانن طرف اماڻجي ويو آهي. ان خط ۾ امن جي خوشبو ناهي پر بدامنيءَ جي بدبوءِ آهي. هاڻي انهن کي ميوزڪ ٻڌندي ڪار هلائي ڪورٽ وڃڻ بدران تمام الرٽ ٿي گاڏي هلائڻي پوندي. هاڻي انهن کي پنهنجي نظر گاڏيءَ جي آئينن تي رکڻي پوندي. ڇو ته انهن جا مخالف به اهڙي صورتحال جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. ان ڳالهه جي انهن کي به خبر آهي.
ٽارگيٽ ڪلنگ هڪ اهڙو ڏوهه آهي، جيڪو مخصوص ماحول پيدا ڪندو آهي ۽ان ماحول سبب ماڻهو تمام گهڻي خوف جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ان ماحول جو فائدو وٺي اهي جرم ڪيا ويندا آهن، جن جا سبب بيحد ذاتي هوندا آهن. ٽارگيٽ ڪلنگ هڪ اهڙو ٻج آهي، جيڪو دهشتگرديءَ جي جهنگ کي آسانيءَ سان جنم ڏئي سگهندو آهي. ان حوالي سان نه رڳو پوليس پر ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا عرفان مهر جي قتل کان پوءِ هاءِ الرٽ نه سهي ته به الرٽ ضرور ٿي ويا هوندا. سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ فرد ڊپ ۾ وڪوڙجي ويا هوندا ۽ انهن جا خاندان هڪ خون سبب پنهنجن پيارن جي تحفظ لاءِ تمام گهڻي ڳڻتي ۾ پئجي ويا هوندا. ان مان سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جي ڪيفيت ڪهڙي آهي؟
ڪراچي اڄ به هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو بدامنيءَ جي حوالي سان هڪ سڪل جهنگ جهڙو آهي ۽ فقط بدامنيءَ جي هڪ تيلي هن شهر کي شمشان گهاٽ بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن عملي طور تي نه به ته گهٽ ۾ گهٽ احساساتي طور ضرور اهو ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ڪراچيءَ مان هن مهل تائين بدامنيءَ جا سبب ختم نه ٿيا آهن. ڪراچيءَ جو امن تمام نازڪ آهي. اهو امن ته ڪنهن نازڪ تند جيان آهي. ان کي ڪو به عمل ڇني سگهي ٿو ۽ امن جو سمورو ماحول پٽ پئجي سگهي ٿو. ان حوالي سان عرفان مهر جي قتل کي هڪ افسوس ڀريو واقعو نه سمجهڻ گهرجي. اهو هل تمام خطري وارو عمل آهي. جيڪڏهن عرفان مهر جا قاتل فوري طور تي گرفتار نه ٿيا ته اهو فقط هڪ انسان جي قتل سان ناانصافي نه هوندي پر اهو عمل ڪراچيءَ جي امن خلاف تمام وڏي سازش هوندي. جيترو جلدي عرفان مهر جا قاتل گرفتار ٿيندا، ايترو جلدي ڪراچيءَ جي مٿان لڙيل بدامنيءَ جا امڪاني پاڇا ختم ٿيندا.
ڪراچيءَ ۾ ٿيل تازو قتل هڪ گهڻ طرفي خطري جي گهنٽي آهي. ان کي لاپرواهيءَ سان وٺڻ وارو عمل وري هن شهر کي انهن اُلن جي حوالي ڪرڻ برابر هوندو، جن اُلن ۾ انسانن سان گڏ امن ۽ انصاف به سڙي رک ٿي ويندو آهي. ڪراچيءَ ۾ ٿيل ان قتل سبب شهر جا ماڻهو ڇرڪي ويا آهن. انهن جي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ به عرفان مهر جي قاتلن جي بنا دير گرفتاري تمام گهڻي اهم ۽ لازمي آهي!!!