شوبز

زارا ترين جي فهد مصطفيٰ کي ڇنڊ، چپ رهڻ جو حڪم

پاڪستان جي مشهور اداڪارا زارا ترين ساٿي اداڪار فهد مصطفيٰ کي سندس ان ڳالهه تي شديد ڇنڊ پٽي آهي، جنهن ۾ هن فلمن تي تبصرا نھ ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو هو تھ ان سان فلمن ۽ انڊسٽري کي نقصان ٿي رهيو آهي. ميڊيا مطابق زارا ترين فهد مصطفيٰ کي اهڙن معاملن ۾ خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن فهد مصطفيٰ کي غلطي ۾ مفاسا لکڻ تي زارا مٿان مداحن جي تنقيد ٿي تھ هن انهن کان معذرت ڪئي. زارا ترين پنهنجي معذرت واري پوسٽ ۾ لکيو تھ، مفاسا جو نالو بدتميز، وات پٽيي ۽ غير پيشور ماڻهو پاران استعمال ڪرڻ غلط آهي. هن چيو تھ لائن ڪنگ جو مفاسا بهترين ڪردار هو. هن چيو تھ تبصرن سان فلمن کي نقصان ناهي ٿيندو، پر مفت ۾ فلم ٺاهڻ سان نقصان ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button