اڄ 5 ڊسمبر تي سموري سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ۽ ايڪتا جو ڏينهن ثقافتي موسيقي، رقص، ٽوپي ۽ اجرڪ جي علامتن سان ملهايو پيو وڃي. هميشه جيان هن سال به ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مخالف خيال اچڻ شروع ٿيا آهن. هڪڙي ڌر، جيڪا اڪثريت ۾ آهي، جو خيال آهي ته ايڪتا جو ڏهاڙو سنڌي قوم جو ترقي پسند قوم دوست عمل آهي جيڪو سنڌين ۾ قومي شعور کي مضبوط ڪري ٿو. سنڌي ميڊيا جو اهو ڪارنامو آهي جنهن سنڌي قوم کي ڪنهن هڪ پليٽفارم ۽ ڪنهن هڪ نعري تي گڏ ڪيو آهي. ٻي ڌر ،جنهن جو گهڻو تعلق مزاحمتي سياست سان رهيو آهي، سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي زوال ۽ سنڌ جي عوام جي بدترين حالت کي ڏسي ڪري ايڪتا جي ڏهاڙي ۽ ثقافتي خوشي ملهائڻ کي هڪ سراب، بيوقوفي، مڊل ڪلاس جي تفريح ۽ حقيقي مسئلن کا ڪن لاٽار ڪرڻ واري عمل طور ڏسي ٿي. سندن سوال سگهارو آهي ته جتي سنڌو درياهه سُڪو پيو هجي ۽ سنڌ جي حياتي خطري هيٺ هجي اتي خوشي ۾ جهمريون هڻڻ ڪهڙي عقلمندي آهي؟ ڇا اها ويڳاڻپ ناهي؟ اها ڪهڙي ايڪتا آهي جتي هڪ ظالم وڏيرو سنڌي ٽوپي پائي هڪ عام سنڌي سان هڪ ٿيو وڃي؟ ان ڌر ۾ هڪڙا دوست ته پوري ثقافت کي ڪا فضول معاملو چوڻ لڳا آهن. هر سال ثقافتي ڏهاڙي تي منهنجي ذهن ۾ ڪجهه نقطا ايندا آهن ۽ گهڻا دفعا مضمون به لکڻ جو سوچو پر نه لکي سگهيس. هن دفعي به باضابطا طور آرٽيڪل نه لکي سگهيس پر انهن نقطن کي رکڻ لازمي سمجهان ٿو.
جڳ مشهور اطالوي دانشور انتونيو گرامچي پنهنجي “جيل نوٽبڪس” ۾ معاشي طبقن جي سياسي جنگ، پوري سماج تي پنهنجي اڳواڻي (Hegemony) قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڪلچر جي تمام نرالي ۽ گهري نظريي سازي ڪئي آهي جيڪا جديد سماجي فڪر ۾ سڀ کان اول مقام رکي ٿي. انهن “نوٽبڪس” جي آخر ۾ “فلسفي، مذهب، سائنس ۽ عام شعور جي “تعلق” جي عنوان سان گرامچي جا نوٽس آهن جيڪي سماجي “عام فهم” (Common Sense) ۽ ڪلچر بابت نئين سمجهه جوڙن ٿا. گرامچي مطابق هر ماڻهو دنيا متعلق شعور (World Conception) رکي ٿو ۽ ان ڪري “خودرو فلسفي” (Spontaneous Philosopher) آهي ڇاڪاڻ ته هو ٻولي ڳالهائي ٿو. هن جي اخلاقيت هجي ٿي. هن جا خيال، عقيدا، مذهب، وهم هجن ٿا جنهن کي فوڪ ادب ۽ ثقافت چئون ٿا. پر عام ماڻهو جو شعور يعني “عام فهم” (Common Sense) ٽٽل، ورهايل ۽ غير منظم هجي ٿو. گرامچي جي لفظن ۾ “هن جي شخصيت ورهايل هجي ٿي. هن جي شعور ۾ پٿر جي دور جا به جز هجن ٿا ته وري جديد سائنسي سوچ جا پهلو به شامل هجن ٿا، هن وٽ علائقائي تاريخ کان مليل بغض به هجن ٿا ته هن ۾ وري مستقبل جي عالمي آدرش ۽ ثقافت جا چند جز ملي وڃن ٿا”. عام ماڻهو جي شعور جي اها حالت سندس تاريخي وجود هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿي. ماضي جا سياسي نظريا،فلسفا، ڌرم، اخلاقي اصول جيڪي پهريان سماج ۾ طبقن جي لڙائي ۾ عضوياتي طور تي ڌر هئا، اهي بعد ۾ روايتي ٿي عوامي ثقافت ۽ ٻولي ۾ ڦهلجي (Diffuse) ٽٽل انداز ۾ زنده رهن ٿا، ماضي جون جنگون ۽ سياسي الميا فوڪ ادب ۾ روايت طور زندهه رهن ٿيون ۽ حال جا جديد فڪر به ڪڏهن ننڍن علمي گروپن مان ليڪ ٿي عوام تائين پهچن ٿا. ايئن ئي ماڻهو جو “عام فهم” ٽٽل نشانين جي صورت ۾ تاريخ جي گواهي ڏئي ٿو. ٻولي ۽ عوامي ثقافت ائين متضاد آهي. مثال هڪ عام سنڌي جي “فهم” ۽ سندس ثقافتي بيهڪ جو جائزو وٺجي ته ان ۾ ڪٽر مذهبي، ذات پرستي، قبيلائي روايت جا جز ملندا ته ساڳئي وقت هن جي بيهڪ تصوف ۽ لطيف جي ٽٽل شڪل جي به شاهدي ڏيندي، سندس ملڻي قديم سنڌو تهذيب جي نشاندهي ڪندي ته وري سندس نالو ڪٿي عرب ثقافت جو ڏس ڏيندو، سندس سياسي راءِ ۾ سنڌ جي جديد قومي جمهوري تحريڪ جا پهلو ملندا ته وري وڏيرڪي روايتون به سندس شخصيت ۾ ملي سگهن وينديون.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته گرامچي جديد سياسي طاقت (Political Power) جو عظيم ترين مفڪر آهي، نتيجي ۾ هو عام فهم ۽ عوامي ثقافت کي اڻ ڌرائتي لقاءَ طور تي نٿو ڏسي پر اهڙي سطح (Terrain) ڪري ڏسي ٿو جتي سياسي طاقت جي جنگ وڙهي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته ان دائري ۾ ئي ماڻهو سڀ کان پهريان شعورجڻ جي عمل مان گذري ٿو ۽ پنهنجي معاشي بيهڪ کي معنيٰ ڏئي ٿو. ائين ثقافتي دائرو معيشت ۽ سياست جي وچ ۾ اڻ سڌي تعلق جو ذريعو (Mediation) آهي. حڪمران طبقو سماج تي پنهنجي اڳواڻي ۽ سياسي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ “عام فهم” ۽ ثقافت کي خاص انداز ۾ تشڪيل ڪري ٿو. جيئن مٿي بيان ڪيو ته “عام فهم” ٽٽل ۽ متضاد هجي ٿو، ان ڪري حڪمران ڌرين جو پهريون ڪم ته ان “فهم” کي تنقيدي ۽ منظم ٿيڻ کان روڪڻ هجي ٿو ۽ ٻيو ثقافت جي رجعتي عنصرن ۽ پاسن کي سگهارو ڪرڻ هجي ٿو. مثال گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ترقي پسند سياست جي زوال جي نتيجي ۾ قبيلائي ۽ وڏيرڪي سرشتا نئين سر مضبوط ٿيا آهن. جديد نيولبرل سرمائيداري جا مفاد پورا ڪندڙ مشرف جي آمريت ۽ پوءِ پي پي جي حڪومت دوران سنڌ ۾ اهي سرشتا گهڻا مضبوط ٿيا. اها قبيلائي، وڏيرڪي ۽ انهن جي اردگرد سياسي سرپرستي(Political Patronage) جا سرشتا ۽ روايتون ڪيئن جديد سرمائيداري جو ڪم سرانجام ڏين ٿيو، ان تي مان گهڻو لکي چڪو آهيان. (ان ڏس ۾ عاصم سجاد اختر جو ڪتاب “عام فهم جي سياست” به اهم آهي جنهن جو مان سنڌي ۾ جائزو لکي چڪو آهيان). هڪ عام سنڌي اڄ انهن روايتن کي ئي پنهنجي ثقافت سمجهي ٿو. ان سان گڏ ثقافتي شناخت ۽ ان سان جڙيل جذبا به هجن ٿا جنهن کي حڪمران طبقو پنهنجي معنيٰ ڏئي يا انهن تجريدي احساسن کي اڀاري به گهڻا سياسي مقصد حاصل ڪري ويندو آهي ۽ عام عوام کي خبر به ناهي پوندي. مثال اولهه جي ثقافت ۾ “انفرادي آزادي” جو قدر وڏي اهميت رکي ٿو، نتيجي ۾ هر دفعي سرمائيدار ان اصطلاح کي تحرڪ ۾ آڻي پنهنجي مقصد جون تبديليون آڻي ويندا آهن. اسان وٽ پي پي پي جهڙي سنڌ دشمن پارٽي ۽ ان جا “دانشور” وري “سنڌيت” جي جذبي کي اڪسائي ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻي ويندا آهن.
عام فهم يا عوامي ثقافت متضاد هجي ٿي ۽ ان ۾ ترقي پسند جز هميشه موجود رهن ٿا. ٻيو عام ماڻهو پنهنجي عملي تجربي جي بنياد تي ڪمزور ئي صحيح پر تنقيدي شعور جا جز (Good Sense) رکي ٿو. مثال هڪ مزدور کي عملي تجربي جي بنياد تي پنهنجي استحصال جي تجرباتي ڄاڻ هجي ٿي ۽ ان بنياد تي هو “روزمره جي مزاحمت” به ڪندو آهي. پر مٿي ٻڌايل حڪمران طبقي جي وارداتن سبب عام عوام پنهنجي موجود حالت کان اڳتي ناهي ڏسي سگهندو، منظم جدوجهد ناهي ڪري سگهندو ۽ مروج حقيقت کي ئي ڪل سمجهندو آهي. گرامچي وٽ نئين ثقافت جي جوڙجڪ “ثقافتي نرگسيت” يا پنهنجي سموري ثقافت کي قبولڻ ناهي پر عام فهم کي تنقيدي ۽ منظم ٺاهڻ آهي جيئن هو ثقافت جي فرسوده ۽ مروج جزن جي نفي ڪري پنهنجي سوچ ۽ عمل کي جديد فڪر جي سطح تائين پهچائي سگهي ۽ مروج حقيقت کان اڳيان ڏسي سگهي. ان لاءِ ثقافت جي ترقي پسند جزن جي نئين سر تشڪيل جي ضرورت هجي ٿي جيڪو هڪ نج سياسي عمل آهي. اهو ڪم هڪ عضوياتي دانشور جو آهي جيڪو ماڻهن ۾ “جديد فڪر جي جسم” طور جيئي ٿو. ان دانشور جو ڪم صرف هيٺين پرتن کي جديد فڪر جي اردگرد منظم ڪرڻ ناهي پر روايتن ۽ “راويتي دانشورن” تي اثرانداز ٿي انهن جي نئين سر تشريح ڪري انهن کي لاڳاپيل پڻ ٺاهڻ آهي. اسان کي سنڌ ۾ ان جو مثال 50 ۽ 60 واري دور ۾ ملي ٿو، جڏهن سنڌ فڪري سجاڳي ۽ ثقافتي مزاحمت واري دور مان گذري رهي هئي. ان دور جي ثقافتي مزاحمت جو هڪڙو سبب ته رياست جي ون يونٽ واري پاليسي هئي جنهن تحت ڪلاسيڪل بيٺڪيتي انداز ۾ قومن جي شناخت جي نفي ٿي رهي هئي پر ان ثقافتي مزاحمت تي جيڪڏهن غور ڪجي ته اها “ثقافتي نرگسيت” نه هئي جنهن ۾ پوري ثقافت کي قبولڻ وارو عمل شامل هجي بلڪه اها ثقافت جي سگهارن پهلوئن جي جديد نئين سر تشڪيل (Reconstruction) هئي جيڪو ڪم ان دور جا عضوياتي دانشور ڪري رهيا هئا. تنهن وقت ترقي پسند قوم پرستي ۽ قومي آزادي جديد بيٺڪيتي سماجن جو اسريل نظريو هو ۽ ان ئي سياسي “تصوراتي سرشتي” ذريعي سنڌ جي تاريخي سورمن، لطيف، تصوف، ڪلاسيڪل ادب جون نئين سر تشريحون ٿي رهيون هون. مثال سائين جي ايم سيد جي ٻن ليکن “سنڌي ڪلچر” ۽ “پيغامِ لطيف ” جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اندازو ٿيندو ته “سنڌي ڪلچر” سنڌ جي ثقافت جي محض وضاحت نه آهي بلڪه هڪ سياسي تشڪيل آهي. سائين ان ڪتاب ۾ جنهن لقاءُ کي “سنڌي ڪلچر” سڏي ٿو اهو سڀني سنڌين جو عمل ناهي بلڪه اهو قومي تحريڪ جو آدرشي ڪلچر آهي. مثال سائين سنڌين لاءِ لکي ٿو ته سنڌين جي مذهبي تشريح تصوف تي ٻڌل آهي، سنڌي ماڻهن جا اعليٰ قدر رواداري ۽ عدم تشدد آهن وغيره. ايئن ئي “پيغام لطيف” شاهه لطيف جي سياسي تشريح آهي ۽ ان ۾ لطيف هڪ قوم پرست، جمهوريت پسند شاعر پيش ڪيو ويو آهي جيڪو آزاد سنڌ جو امين آهي! (شاهه لطيف جا سياسي خيال باب 10). ايئن رسول بخش پليجو صاحب جي ليچڪرن ۾ لطيف پورهيت دوست ۽ روشن خيالي جو امين شاعر آهي. پليجو صاحب لطيف کي ان دور جي يورپ جي مفڪرن سان ڪمپيئر ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ لطيف وٽ جمهوريت، روشن خيالي، عورتزاد،پورهيت دوستي جو “فڪري سرشتو” هو جيڪو ڪن حوالن سان يورپ کان اڳتي وڌيل هو! اسان ڄاڻون ٿا ته سرمائيداري کان پهريان اوڀر جي سماجن جي “تصوراتي ڪائنات”(Conceptual Universe) يورپ جي سماجن کان بنهه مختلف هئي ۽ ان ڪري شاهه لطيف ۾ جديد يورپين تصورن جو هجڻ ناممڪن آهي پر جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته هر دور جا عضوياتي دانشور پنهنجي روايتن ۽ ڪلاسيڪل ادب جي نئين سر تشڪيل ۽ تشريح ڪندا آهن. سنڌ ۾ به سجاڳي واري تحريڪ ۾ ائين ئي ٿيو جيتوڻيڪ ان ڪوشش ۾ گهڻيون کوٽون پڻ آهن.
هاڻوڪي ثقافتي ڏهاڙي ۽ ايڪتا جي سرگرمين جو معاملو گهڻو مختلف آهي. اڄ اسان ثقافت کي تجريدي انداز ۾ ملهايون ٿا جتي ثقافت جي مروج فرسوده اهڃاڻن، روين ۽ خيالن کان جدا ٿي ۽ انهن کي نندي سگهاري قدرن ۽ روين کي همٿائڻ جو ڪوبه بندوبست ناهي. اسان سموري ثقافت کي قبولي صرف پنهنجي “نرگسيت”، جيڪا سياسي ويڳاڻپ جو اظهار آهي، جو اظهار ڪيون ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته موجوده ثقافتي ڏهاڙو ۽ ايڪتا جي ڪيمپين جون سرواڻ غير سياسي ڌريون آهن جيڪي “سول سوسائٽي” تناظر ۾ شين کي ڏسن ٿيون. اسان وٽ “سول سوسائيٽي” دائري ۾ جمهوريت، انفرادي آزادي، قوم، ڪلچر جي اصطلاحن کي تجريدي، غير تاريخي ۽ اڻ ڌرائتي انداز ۾ ڏٺو ويندو آهي جڏهن ته اهي اصطلاح ڪشمڪش ۽ نظرياتي جنگ سان سرشار هجن ٿا. جيئن مٿي بيان ڪيو ته حڪمران طبقو اهڙن اصطلاحن سان جڙيل ثقافتي احساسن کي استعمال ڪري ڪيئن ماڻهن کي منظم ڪري ويندو آهي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪندو آهي. حڪمران طبقو عوامي اصطلاحن کي پنهنجو ڪري ويندو آهي. جيئن “انقلاب، تبديلي، سنڌيت” وغيره. اسان وٽ “سول سوسائيٽي” جي سمجهه به اهڙي دائري جي آهي جيڪو همه گير آهي (Homogenious)، ۽ پوري سماج جي تضادن کان بالاتر ٿي نمائندگي ڪري ٿي. اهڙن مغالطن جي پويان سياست لڪل هوندي آهي.
ڪلچر کي تجريدي طور ڏسڻ ۽ ملهائڻ جي ڪري جيڪو عوام ان عمل ۾ شامل ٿئي ٿو ان جي شرڪت شعوري گهٽ هجي ٿي. ها اهو ضرور آهي ته ان شرڪت ۾ مزاحمت جا پهلو ضرور هجن ٿا پر اها مزاحمت “روزمره جي مزاحمت” (Everday Politics) جي دائري ۾ ئي آهي. مثال ثقافتي ڏهاڙي تي سٺي تعداد ۾ نارين جو نڪرڻ، رقص ڪرڻ ثقافتي گهٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ نارين جي لاشعوري “روزمره جي مزاحمت” آهي. ايئن عام سنڌي عوام جو نڪرڻ ۽ سيڪيولر روايتن جو اظهار ڪرڻ هن رياست ۾ جبر جي صورتن خلاف “روز مره جي مزاحمت” آهي. ان ڪري ئي انتهاپسند ڌرين کي ثقافتي ڏهاڙو سخت ناپسند آهي. “روز مره جي مزاحمت” سماجي سائنس ۾ اهم اصطلاح آهي جنهن مان مراد آهي ته مظلوم پرت پنهنجي عملي ۽ تجرباتي ڄاڻ جي ڪري مڪمل طور تي مرده نٿا هجن بلڪه هو پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ لاشعور مزاحمت ۽ زندگي جيئڻ جا گس گهيڙ ڪڍندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ اها منظم سياسي جدوجهد هجي ٿي جيڪا انهن جي آجپي جي ضمانت آهي.
مٿين نظرياتي نقطن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ثقافتي ڏهاڙي ۽ ايڪتا کي مڪمل رد ڪرڻ هڪ غير سائنسي ۽ انتهاپسند رويو آهي پر ساڳئي وقت ان کي غير تنقيدي انداز ۾ قبولڻ هڪ “نرگسيت” ۽ کوکلي قوم دوستي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏهاڙي تي، جتي سٺي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو تحرڪ ۾ اچن ٿا، ان شرڪت کي شعوري گس ڏجي، ثقافت جي سگهاري قدرن جي چونڊ ڪجي، ثقافتي اهڃاڻن، ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب جي نئين سر سياسي تشريح ڪجي ۽ سنڌ جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري سياسي جدوجهد جو بنياد وجهجي.