ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مٽي جو عالمي سال

Editorial-Article- Ibrahim Abro

جيئن ھن سال اقوام متحده طرفان World Soil Day ملھايو پيو وڃي جنھن جو theme آھي Halt Soil Salinization and Boost Soil Biodiversity جنھن جو مقصد آھي ته سم ۽ ڪلر جي روڪٿام ڪجي ته جيئن زمين جي ماحولياتي Biodiversity برقرار رکي سگھجي. ھونئن 2014 کان 2024 تائين ڏھه سالن کي زمينن جي مٽي جو عالمي سال International Decades of Soils ڪري ملھايو وڃي ٿو.

زمين ۾ سم ۽ ڪلر جا مکيه سبب:
1) گرمي پد جو تمام گهڻو وڌي وڃڻ آهي، اسان جي ماحول ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، جنھن سان زمين جي مٿاڇري تي پيل ڳرندڙ لوڻن جنھن ۾ NaCl اچي وڃن ٿا ۽ اڇا تھ نظر اچن ٿا. تمام گھڻي گرمي پد ڪري پاڻي سان گڏ مٿاڇري تي بيٺل اڇا ڪارا لوڻ رھجي وڃن ٿا، جڏهن ته پاڻي بخارات جي صورت اختيار ڪري اڏامي وڃن ٿا. جنھن جي ڪري زميني مٿاڇري تي لوڻ جا اڇا تھ نظر اچن ٿا. زرعي زمين ۽ زراعت لا تمام خطرناڪ آھن.

2) برسات جو نه پوڻ:
اسان وٽ سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ مينھن پون ٿا. جنھن سبب ٻيلن جو خطرناڪ حد تائين گھٽجڻ آھي، سائنسي اصولن مطابق ڪنھن ملڪ جو تقريبن 25 سيڪڙو Forest Cover ھجڻ لازمي آھي جڏھن ته اسان وٽ ٻيلا 3 سيڪڙو به نه آھي. جنھن جي ڪري بخارات جو عمل گھڻو گھٽ آھي ۽ واٽر سائيڪل درھم برھم ٿي وئي آهي جنھن ڪري مينھن نه ٿا پون ۽ اسان وٽ مٺي پاڻي جو زميني Recharge نه آھي. جنھن ڪري گرندڙ لوڻ زمين جي مٿاڇري تي Capillary Channels جي ڪري اچي وڃن ٿا.

3) زميني مٿاڇري وارو نھري نظام:
اسان وٽ زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ جيڪو نھري بئراج نظام Canal Irrigation System آھي. اھو دنيا جو بھترين نظام آهي پر ان ۾ ھڪ خرابي اھا آھي ته پاڻي کي زمين جي مٿاڇري تي بند ٻڌي وھايو ويندو آهي. جنھن جي ڪري بندن جي پاسي کان تمام گهڻي seepage ٿئي ٿي. جنھنڪري ڳرندڙ لوڻن جي leaching ٿئي ٿي ۽ زميني پاڻي پڻ مٿي اچي ٿو ۽ زير زمين پاڻيءَ پڻ مٿي اچي ٿو. جنھن سان سم ۽ ڪلر جو سبب بڻجن ٿا. ڇاڪاڻ ته بئراج پڪا نه ھوندا آھن.

4) سمنڊ جو زمين کي پائڻ:
سنڌ ھڪ شاندار ساحلي ٻيٽ آھي جيڪو بدين، ٺٽي ۽ سجاول کان ٿيندي ڪراچي تائين وڃي ٿو. جيئن ته ڊيلٽا ۾ ڇڏيل پاڻي مطابق ھڪ گھربل مقدار نه ڇڏڻ سان سمنڊ ساحلي ٻيٽ تي آباد ڳوٺن کي پائيندو اچي ٿو. جنھن سان ڪيئي ڳوٺ کاري پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن ۽ زمينن جي مٿان اچي لوڻ جا تھ نظر اچي رھيا آھن. جيڪا زرعي زمين لاءِ ھڪ خطرناڪ صورتحال آھي. ان لا اسان کي زمينن ۽ پاڻي جو گھربل مقدار ڊيلٽا زمين ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو پوندو.

5) سم نالا (LBOD and RBOD):
سنڌ ۾ زمينن جي نيڪاسي لاءِ سنڌوندي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٺاھيل سم نالا جيڪي زمين جي نيڪاسي لا ٺاھيا ويا ھئا ته جيئن زرعي زمينن جي اضافي پاڻي کي ڪڍي ڪنھن ھنڌ ڇوڙ ڪيو وڃي پر پوءِ اھي نالا گندي پاڻي لاءِ وھڻ لڳا ۽ برسات ۾ اٿلي پوندا آهن. انھن جي ڪري ڪافي حد تائين سم ۽ Seepage ٿئي ٿي.

6) ٻيلن جو وڍجي وڃڻ Deforestation:
سائنسي طور ڪنھن به ملڪ يا خطي جو 25 سيڪڙو ٻيلا ھئڻ گھرجي پر بدقسمتي سان اسان وٽ ٻيلا ڪٽجي ويا آھن. جنھن جي ڪري مينھن تمام گھٽ پون ٿا. جنھن سان گرمي پد تمام گھڻي وڌي ويو آهي ۽ جر جو پاڻي recharge نه ھئڻ ڪري جر کارو ٿيندو پيو وڃي يعني مٺي پاڻي جو زير زمين ۽ ذخيرو ختم ٿي ويو آهي ۽ لوڻ جي صورت ۾ زمين جي مٿاڇري تي اچي وڃن ٿا ۽ اسان وٽ گھڻو زمين لاڻياٺي ڪلراٺي Calcareous ٿي وئي آهي.

7) گھڻي کار پد وارا ڀاڻ:
زرعي لحاظ کان اسان جي زميني حالت مطابق جن ڀاڻن جو اثر لوڻياٺو Alkaline آھي، انهن کي استعمال نه ڪرڻ گھرجي. بلڪه Sulphate ۽ Calcium وارا ڀاڻ استعمال ڪجن ته جيئن زمين جي pH گھٽائي سگھجي.

8) واٽر ڪورسن جو ڪچو ھئڻ:
اسان وٽ ڪئنال کان Field جي ڊسچارج تائين جو چينل پڪو نه ھئڻ ڪري ڪافي حد تائين پاڻي Seepage ٿي وڃي ٿو ۽ پاڻي ضايع ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته سم ۽ ڪلر جو سبب پڻ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان واٽر ڪورس پڪا ھئڻ گھرجن.

8) فصلن جو Crop Pattern:
فصلن جي پوکي زميني حالتن، پاڻي جي فراھمي کي نظر رکي ڪرڻ گھرجي يعني اسان کي گھڻي پاڻي وارا فصل نه لڳائڻ گھرجن بلڪه گھٽ پاڻي وارا Delta فصل لڳائڻ گھرجن. ان سان پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ زمين جو جر ھيٺ ويندو ڇو ته ان سائنسي طريقي مطابق 3M جي گھرائي تي زميني مٿاڇري کان ھئڻ گھرجي. Delta Crop لڳائڻ سان به ڪافي حد تائين سم ۽ ڪلر کي منھن ڏئي سگھجي ٿو.

فصلن کي پاڻي جو آبپاشيءَ طريقو:
اسان وٽ زمين ھموار نه ھئڻ ڪري ٻج ۽ پاڻي ڪافي مقدار ۾ ضايع ٿين ٿا. ان لا زمين جو ھموار ھجڻ لازمي آهي ٻيو ته آبادگار پاڻي ڏيڻ جو پراڻو طريقو Flood Irrigation استعمال ڪن ٿا. جنھن سان ھڪ ته پاڻي تمام گهڻو ضايع ٿئي ٿو ٻيو ته زمين ۾ سم جو سبب بڻجي ٿو. اسان کي پاڻي ٻوٽي کي ڏيڻ نه ڪي زمين کي ان لاءِ جديد آبپاشي جا جديد طريقا استعمال ڪرڻ گھرجن جنھن کي Micro Irrigation System چئبو آهي. جنھن سان پاڻي پائپن جي ذريعي ٻوٽن جي پاڙن تائين پھچائبو آھي. ان سان پاڻي جي بچت به ٿيندي تنھن جي ڪري اسان کي Drip, Sprinkler ۽ Trickle وارا آبپاشي نظام استعمال ڪرڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button