پاڪستانسنڌ

“سنڌ ايڪسپريس جي سڏ تي اڄ قومي ثقافتي عيد ملهائي ويندي،واهڻ وستيون ثقافتي رنگن سان رڱجي ويون

حيدرآباد (سنڌ ايڪسپريس رپورٽ)سنڌ جي قومي ثقافتي عيد جي حوالي سان “سنڌ ايڪسپريس” ۽ سنڌي ميڊيا گروپ جي سڏ تي اڄ ثقافتي عيد ملهائي ويندي، جنهن لا تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ مختلف تعليمي ادارن اندر سنڌي ثقافت جو زبردست تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن، سنڌ جا شهر شهر سنڌي ثقافت جي انڊلٺي رنگ سان رنگجي ويا آهن. هر طرف ٽوپين جا تجلا ۽ اجرڪن جون رونقون نظر اچي رهيون آهن. پروگرامن ۾ نوجوانن، شاگردياڻين ۽ شاگردن طرفان ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي قومي ۽ ثقافتي گيتن تي رقص ڪيو ويندو. تقريبن ۾ ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين سميت ننڍا توڙي وڏا، پوڙها پڪا اجرڪ، شالون، سنڌي ويس وڳا پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته صوفي راڳي، قومي فنڪار صوفي ۽ قومي انقلابي گيت ڳائي سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندا. ان کان علاوه مختلف قومي ۽ ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ ما کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي ثقافت بابت ڄاڻ ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button