گُذريل ڪجھه ڏينھن کان پاڻ ٿر جي سُوروندي سرزمين کي ارڙ بلا جيان وڪوڙي ويل ٿرڪول واري قاتل رٿا کان متاثر ٿيندڙ ڳوٺن سان سُور پچار ۾ آھيون. ان ڏس ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي رڳو ٻن ڳوٺن وروائي ۽ تِلوايو جي جيڪا تباهي ۽ بربادي ڏٺي اٿئون، تن کي بيان ڪرڻ لاءِ سچ به ته اکر اڻپورا ٿا لڳن. ڇاڪاڻ ته ٿرڪول جون برباديون هاڻ بيان ڪرڻ کان گهڻيون آهن. اهي ڏنجھه اکين سان ڏسي ئي سمجهي توڙي محسوس ڪري ٿا سگهجن. پر پوءِ به پاڻ پنهنجي پَتي جو پورهيو ڪندي سنڌ جي سامھون ڪجھه احوال رکون ٿا ته جيئن ديسواسين کي ڪجھه انهن ڳوٺن جي آگاهي ڏيئي سگهجي، جن ڳوٺن جا واسي نه رڳو پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٻنين ۽ گذر سفر جي وسيلن کان محروم ڪيا ويا آهن پر هاڻ ته انهن ڳوٺن ۾ زبردستي ڪول جو انتهائي زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري انسانن توڙي جانورن کي موت جي مُنهن ۾ ڌڪيو پيو وڃي.
ان ڏِس ۾ سڀ کان پهرين پاڻ ڳالھه ٿا رکون بلاڪ ون جي بلڪل ڪڇ ۾ ڏيهاڙي ڪلور سهندڙ ڳوٺ واروائي جي، جيڪو اڃان تائين ٿرڪول خلاف مزاحمت جو مثال بڻجي بيٺو ته آهي پر ان ڳوٺ جون زمينون ٿرڪول جي اشاري تي نچندڙ ريوينيو کاتي جي رهزني سبب جيئن اصلوڪن ڌڻين کان کسجي رهيون آهن، تنهن کانپوءِ اهي ماڻهو ويهندا يا جيئندا به آخر ڪنھن جي آسري!؟
وروائي جو مانجھي مرد حاجي ثنا الله راهمون ان حوالي سان ٻڌائي ٿو ته رڳو سندن ويڙهي جي 285 ايڪڙ زمين بلاڪ ون جي جبري قبضي هيٺ آيل آهي، جنهن ۾ سلام ڪوٽ جا روينيو ڪارندا ڪول ڪمپني جا سهولتڪار بڻيل آهن. هي ڳوٺ جيڪو صدين کان اُتي آباد آهي، تنهن جا واسي هن وقت جنهن غيريقيني جو شڪار آهن سو هڪ تمام وڏو الميو آهي. هاڻ نه هو پاڻ اتي آزاد آهن ۽ نه ئي سندن ڌڻ توڙي ڌنار. مٿان سڀ کان وڏو ظلم وروائي وارن مٿان زهريلي پاڻي جي جبري ڇوڙ وارو حملو آهي. ساڳيو ويڌن بلاڪ ون جي ڳوٺ تِلوايو سان آهي، جيڪو هڪ طرف زهريلي پاڻي جي قاتل گهيري ۾ آهي ته ٻي طرف جيڪا کوٽائي ٿي آهي، تنهن مان دز هر وقت مِينهن جيان انهي ڳوٺ مٿان وسندي ٿي رهي، جنهن سبب هاڻ ڳوٺ جا ننڍا، وڏا ۽ ٻار توڙي ٻچا ساهه جي بيمارين کان متاثر ٿيڻ لڳا آهن.
تِلوايو جو قربان مهراڻپوٽو ٻڌائي ٿو ته سندن ڳوٺ ۾ جيڪو زهريلو پاڻي جبري طور ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، تنهن جي هاڃيڪار اثرن سبب پنجاھه کان مٿي ڳوٺ جا اُٺ، ڏاچيون ۽ سئو کان مٿي ٻڪريون مري ويون آهن. ٻيو دل جهوريندڙ ڏُک هو اهو ٻُڌائي رهيو هو ته سندن ڳوٺ لاءِ قدرت طرفان نعمت طور مليل واحد مِٺو کوھه ڪڙو زهريلو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ هو پيئڻ جو پاڻي ڪٿان آڻين!؟ ايئن ڳوٺ ڀاوي جي تڙ وارا وري اهو ٿا ٻڌائين ته سوين ميٽرن جي بُلندي سان ڪول ڪمپني جون جيڪي جاسوس ڪئميرائون لڳل آهن، سي سندن گهرن جي هر چُر پُر به رڪارڊ ڪري رهيون آهن، جنهن سبب هو هاڻ هر وقت بي پردگي جي بنواس ۾ ڀٽڪي رهيا آهن.
اهو رڳو ٻن ٽن ڳوٺن جو حال آهي پر جيڪڏهن ڏسبو ته انهن ڳوٺن سان جوڙيوال ڳوٺن کاريو غلام شاهھ، ٻورلي ترائي، ڄام جي وانڍ، سينهار ۽ ڳوٺ شهمير وڪيو جا به ساڳيا ئي سُور چِڪن ٿا.
اهو ٿر جنهن جي سرزمين تي ڌارين جي والار آهي، جتي غريب ذاتين جي عورتن توڙي مردن ۾ خودڪشين جو خطرناڪ حد تائين رجحان آهي، ٿر جي ماحولياتي تباهي جو ٻرندڙ معاملو آهي، نوجوان نارين جي عزتن تي حملا توڙي انهن کي زبردستي اغوا ڪري سندن جبري مذهب مٽائڻ واري مصيبت آهي، تنهن ٿر جي دفاع لاءِ آخر ڪڏھن سنڌ جو اجتماعي شعور اڳيان ايندو؟ اهو اڄ جو اهم ترين ۽ بنيادي سوال آهي. واضح رهي ته ٿر مٿان اهو سمورو ڏمر ان ئي نعري جي آڙ ۾ ڪڙڪيو آهي، جنهن نعري سنڌ سميت بلوچستان ۽ هڪ حد تائين خيبرپختونخواه توڙي سرائيڪي وسيب کي به نپوڙي رکيو آهي. ها اهو آهي ملڪي ۽ قومي مفادن وارو نعرو.
ٿر مان ڪوئلو ڇا لڌو هن ملڪ جي قومي ۽ ملڪي مفادن واري مم سڄي ٿر کي چُهٽي پئي آهي. جيڪڏهن ڪا به غيرجانبدار تحقيق ڪرائي ٿرڪول ايريا جي پيرائتي جاچ ڪرائي وڃي ته خبر پوندي ته ٿرڪول ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيتن تي به ڪيئن نه مختلف الزامن جي آڙ ۾ غيرانساني تشدد ٿيندو رهيو آهي. بيماري جي حالت ۾ به پورهيتن کي موڪل نه ڏيڻ ۽ وقت سِر گهربل علاج نه ڪرائڻ واري ڪٺورتا جا قِصا الڳ آهن. ساڳي ريت پورهيتن کي بيدخل ڪرڻ وارا ڪَلُور به آهن. ڪوئلو کڻڻ لاءِ ايندڙ ويندڙ ٽرالن جي ڊرائيورن جون ٿرواسين سان لڳاتار بيواجبيون ۽ بداخلاقيون الڳ آزار آهن. ان ڏِس ۾ ٻه ڪيس ته مشهور آهن، جن ۾ ٿرڪول جي ڊرائيورن پاران ٻن ٿري نارين کي اغوا ڪيو ويو هو.
نام نهاد سيڪيورٽي جي نالي ۾ ٿر ۾ هنڌين ماڳين جيڪي ناڪا لڳل آهن، تن ناڪن تي ٿرين جي عزت مجروح ڪرڻ جيئن روزاني جو معمول بڻيل آهي، تنهن بابت ته مارُو لوڪ ڪڏھن تصور به نه ڪيو هو. ماڻهن کان پنهنجون ابن ڏاڏن جون زمينون کسيون ويون آهن ۽ اڃان تائين کسجي رهيون آهن. مطلب ته ٿرڪول وارا ٿر سان اهو سڀڪجهه ڪري رهيا آهن جيڪو ڪوئي ڌاريو، قابض ۽ فاتح ڪنهن مفتوح خطي جي زمين ۽ اتان جي اصل آبادي سان ڪندو آهي.
ان ڏِس ۾ اڃان به گهڻي ڏُک ۽ ارمان جي ڳالھه اها آهي ته ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڪجھه سماجي تنظيمون ۽ ميڊيا جا اهي ماڻهو، جن جا ڪمپني جي ڪمدارن سان واسطا وڙا آهن، سي پنهنجا پنهنجا مفاد محفوظ ڪري مِنڍ هنيو ويٺا آهن.
ان ڏس ۾ اڃا به ڪنهن کي پڪ ڪرڻي هجي ته اهو ٿر جي نام ڪٺين شاعر حضراتن، غير سرڪاري سماجي تنظيمن جا سڻڀا تڏا وڇائي ويٺل وِدوانن ۽ سياسي تنظيمن جي مقامي اڳواڻن سان ملي پڪ ڪري سگهي ٿو. پر انهن ڄاڻايل فورمن تان ذاتي مفادن جون اڏامون ڪندڙ آريا توڙي اڻ آريا شايد سچ نه ٻُڌائين جو انهن جي اڪثريت ٿرڪول اختيارين جي مهربان ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. پر سچ ته وري به سچ آهي جيڪو لڪي سگهي ئي نٿو.
سو ٿر جي صورتحال جو اڄوڪو سچ اهو آهي ته ٿرڪول ٿر واسين لاءِ بربادي ۽ غلامي جو سبب بڻيل آهي.
تنهن ڪري سنڌ جي وطن دوست سياسي ڌرين توڙي فردن کي ٿر جي مالڪي ڪرڻ لاءِ مستقل ايجنڊا کڻي ميدان ۾ لهڻ گهرجي. ٿر لاءِ انصاف جي جدوجهد ڪُل وقتي حڪمت عملي جي گهرجائو آهي. ياد رکو جيڪڏهن سنڌ جو اجتماعي شعور ٿر جي مالڪي لاءِ مھل سان اڳيان اچي ٿو ته اها جدوجهد سموري ديس جي نجات جي راھه پڻ هموار ڪري سگهي ٿي.