ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سيالڪوٽ واقعو

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

ٻن ٽن ڏينهن کان منھنجو جي پيو چوي ته لوڪل گورنمينٽ (مڪاني/مقامي ادارن) ۾ اڌ صديءَ کان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڪرپشن توڙي شهرن، ڳوٺن ۽ يو سي سطح تي رستن، نالين، بلبن، صفائي سٿرائي جي ڪمن لاءِ رکيل بجيٽ ۾ لڳندڙ گھوٻين بابت ڪالم لکندس پر پنجاب جي سڀني کان وڏي صنعتي شهر سيالڪوٽ ۾ ھڪ پرڏيهي غير مسلم مئنيجر کي جيئري دوزخ جھڙي باھه ۾ ڦٽو ڪري، ساڙي ڪوئلو ڪيو ويو، انھيءَ ھان ڏاريندڙ واقعي جون وڊيوز ۽ تصويرون ڏسي موضوع کي بدلائڻ ضروري سمجهان ٿو.
اڄ اخبارون پڙهي جيڪا ڳالھه سمجهھ ۾ آئي سا ھيئن آهي ته سري لنڪا جي ڪرڪيٽ سامان خريد ڪرڻ وارن وڏن گراھڪن پاران مقرر ڪيل پراڻو تجربيڪار مئنيجر ھو. سندس نالو ھو پرين يانٿا ڪمارا. جيئن ته آئون ٻه ڀيرا سري لنڪا گھميو آهيان ته اتان جي قومي ٻولي بابت ڪجھه ڄاڻ اٿم. آئون حيران ٿيندو ھئس ته چنڊ کي چنڊ چون ٿا ۽ پٽ کي پتر ڌيءَ کي پتري چوندا آهن جنهن مان حساب لڳايم ته ننڍي کنڊ جي گھڻين ٻولين جي ماءُ سنسڪرت ۽ ڪنھن حد تائين برج ڀاشا آهن. بھرحال پرين يانٿا ڪمارا سان جيڪو وحشياڻو ظلم ٿيو آهي، ان کان پوءِ پاڪستان ۽ ان جا حڪمران دنيا آڏو ڪنڌ کڻي هلڻ لائق نه رهيا آھن.
ھاڻي به بين الاقوامي قانون مطابق قاتلن کي سخت سزائون ڏيندا يا سالن تائين ڪيس ھلائيندا ته جيئن ماڻهن کي ھي واقعو به وسري وڃي؟ آئون پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ھنن قاتلن منجهان چونڊي اھڙن کي سزا ڏيندا جن کي اڃا مذهب جي چڱيءَ طرح ڄاڻ به نه آهي.
افغانستان ۾ روس جي ڪاھه کان پوءِ طالبان کي ڪنهن پاليو تاتيو، ھٿيار توڙي ھٿيارن کي ھلائڻ جي سکيا ڏيڻ وارن مان ٿي سگهي ٿو ته گھڻا قبرستان ۾ دفن ٿي چڪا ھجن پر مرڻ کان پھرين جنرل ضياءَ ۽ جنرل حميد گل جھڙا جرنيل آمريڪي سامراج جي حڪم ۽ ڊالرن عيوض ٻاويهه ڪروڙ انسانن جي ھن وطن لاءِ جيڪي کڏون کوٽي ۽ انهن ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ويا سي ته ھر ھفتي يا ڏھين ڏينهن ڦاٽن پيون.
سيالڪوٽ واري ڏکوئيندڙ واقعي جھڙا سوين واقعا ھر سال اسان جي ملڪ ۾ ٿيندا آهن پر جيئن ته اسان وٽ قانون جو احترام ۽ قانوني ضابطن جي بالادستي مٿئين سطح کان وٺي ھيٺين سطح تائين ناپيد ٿي چڪي آهي تنهن ڪري آمريڪي سي آئي اي جو ريمنڊ ڊيوس جھڙو خطرناڪ قاتل به ڏينھن ڏھاڙي ٻن بيگناهه ماڻهن کي پنجاب جي گادي واري شهر وچ لاھور ۾ ماري، پنهنجي ڏوھه مان جيل منجهان آزاد ٿي گھر وڃي سگھي ٿو ته پوءِ ڪھڙن ڪھڙن ظلمن ۽ بيواجبين خلاف آواز اٿاريون؟
ھي منٽن اندر ٿيل جنوني واردات اڳ ۾ ئي پلاننگ سان رٿيل لڳي ٿي ڇو ته سرمائيدار طبقي ۾ ڪاروباري ڏڦيڙ ۽ مقابلي بازيءَ جو لاڙو صدين کان ھلندو اچي. اھو رڳو بورجوا طبقي ۾ نه پر پيٽي بورجوا صحافين ۾ ڏسي سگهجي ٿو جن سنڌ جي ھرھڪ شهر، ضلعي ۽ تعلقي ۾ فرقن وانگر پنهنجا پنهنجا پريس ڪلب ٺاهي، مظلوم ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي ته آخر ڪنهن در ڏين دانهڙي؟ پرين يانٿا نالي هي سري لنڪا يا سيلون جو شهري ڪنھن جي اک ۾ ڪنڊو ھو سو ته رڳو ھڪ ناميارو رٽائر ٿيل جج ئي ثابت ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس جاويد اقبال جي گھر واري، پاڻ رٽائرڊ جج آف لاھور ھائي ڪورٽ منهنجي نظر ۾ واحد سچار ۽ دلير جسٽس آھي جيڪا ھن سازش پويان سوپاري ڏيندڙ پنجاب جي سرمائيدارن کي بي نقاب ڪري سگهي ٿي. پر ايئن نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته حقيقت کي عوام آڏو آڻڻ جو پنھنجي ملڪ ۾ رواج ئي ڪونهي. ھڪڙو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ھو جنھن اوجھڙي ڪئمپ راولپنڊيءَ ۾ ٿيل موتمار بارودي ڌماڪن جي 1988 ۾ جاچ ڪرائي ته کيس 29 مئي تي ساڳئي سال جنرل ضياءَ برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ھيون.
جيڪڏهن جسٽس ناصرہ اقبال ھي تحقيقات ڪري اصل ڏوھارين کي وائکو ڪري ته عالمي برادريءَ ۾ پاڪستان جي ٿوري ساک بچي سگهي ٿي. گھڻي عزت ۽ ساک ته سمورن حڪمرانن وڃائي ڇڏي آهي فراڊي اليڪشن ۽ مواليءَ جيان قرض کڻندي کڻندي. پڙھندڙن کي ٻڌائي ڇڏيان ته اوهان کي جيڪي ٻچڙا ڄاوا آهن، اھي جوان جماڻ ٿي جڏهن شادي ڪندا ۽ ٻار ڄڻيندا ته اڄ کان ٽيھه سال پوءِ به اھو قرض نه گھٽجي سگھندو. ھا، وڌندو ضرور.
گستاخي ثابت ٿئي نه ٿئي ھڪڙي اھڙي شخص کي ساڙي ڇڏيائون جيڪو اوهان جي ملڪ مان سالن کان ڪروڙين ڊالرن جو اھڙو سامان وٺي پيو جيڪو رڳو راند روند ۾ ڪم اچي. ھو نه ھٿيارن جو واپار ڪندڙ ھو ۽ نه ئي ڪو اسمگلر! جيترو به سامان خريد ڪندو هو ان جي عيوض پاڪستان کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏيندو هو. سوال آهي ته ھن شخص کي ساڙي مارڻ مھل پنجاب سرڪار جي پوليس ۽ خود وزير اعليٰ پنجاب ڪٿي ھو؟ ھاڻي ھي جيڪي ڏوھاري جھليا اٿن سي حقيقت ۾ اصل قاتل آهن يا مڙيئي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ھي ڪارروائي ڪئي ويئي آهي؟
اخبارن جي رپورٽ پڙهو ته ھان ڏرجي ٿو وڃي. تفصيل مطابق جڏهن جنوني ٽولن سندس گھيرو ڪيو ته پرين يانٿا پنهنجو ڪمرو ڇڏي، مٿي پھرين ماڙ تي وڃي لڪي ويهي رهيو. ان کان پوءِ جڏهن شدت پسندن مٿي چڙهي دروازو ٽوڙيو ته ھو سر بچائڻ خاطر کڏ تي چڙهي ويو. ڪنھن به انسان کي پھچايل اھا ذھني ۽ جسماني اذيت گھٽ ته ناھي جو کيس قربانيءَ جي ٻڪر وانگر ھٿ پير ٻڌي ھيٺ لاھي، سڄي جڳ جهان آڏو ماري ڪٽي، ڳڀا ڳڀا ڪري مٿس پيٽرول ھاري کيس ايئن ساڙي ڇڏيائون جيئن گند ڪچرو ساڙبو آهي. نه پوليس وارن اڳتي وڌي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي انهن سرمائيدارن جي گارڊن جن جي ڊيوٽي آھي ته پرڏيهي ناڻو کڻي ايندڙ غير ملڪي مھمانن جي حفاظت ڪريو. فيڪٽري جا ھٿيار بند گارڊ ڏسندا رهيا ته ڪيئن نه پرين يانٿا ڪمارا کي لتون مڪون ۽ ڏنڊا بانٺا ھڻي، هجوم فيڪٽري جي ڇت تان زوريءَ لاھي ٻاھر رستي تي سندس اڌ مئل لاش ڌڪيندو آيو ۽ پوءِ فيڪٽريءَ جي ٻاهران ئي کيس ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيائون؟ سيالڪوٽ ضلعي جي پوليس آفيسر ايس ايس پي عمر سعيد ملڪ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي دفتر ۾ ڪم ڪار ڪري رهيا ھئاسين ته اوچتو ھن واقعي جو اطلاع مليو. جيسين ماڳ تي پهتاسين تيسين سري لنڪا جي ھن باشندي جو لاش سڙي ڪوئلو ٿي ويو ھو.
هجوم وڏو ھو، جنھن سان منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. سيالڪوٽ جي اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اسان وٽ ھي لاش سڙيل ۽ ڳري ميڻ ٿيل حالت ۾ آندو ويو، جيڪو ڪنهن به علاج جي قابل نه ھو.
اسان جو ملڪ جنهن تي اڳ ۾ طالبان جي حمايت ڪرڻ وارو الزام آهي، سو ھن قسم جي وحشياڻي تشدد ذريعي پرڏيهي واپارين کي ساڙائي مارڻ کان پوءِ دنيا جي قومن اڳيان ڪيئن ڪنڌ کڻي هلندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button