ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اوميڪرون: حڪومت تڪڙا اپا وٺي

Editorial

سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون بابت ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي پر اسان جي حڪومت هٿ تي هٿ رکي ويٺل آهي. شروع ۾ ڪجهه وزيرن جا هڪ ٻه بيان ته آيا ان کان پو انهن بيانن جو سلسلو به رڪجي ويو آهي. ٻئي پاسي ڊبليو ايڇ او ڪورونا جي ان نئين قسم بابت باربار خبردار ڪري رهيو آهي. صحت جي عالمي اداري خبردار چيو آهي ته “دنيا جي سڀني ملڪن کي اومي ڪرون جي حوالي سان تيار رهڻ گهرجي. برطانوي ميڊيا موجب صحت جي عالمي اداري جي ريجنل ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته جاگرافيائي طور تي اومي ڪرون جو ڦهلاءُ ايترو ته تيز آهي جيڪو هاڻوڪي صورتحال ۾ رپورٽ به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان ڪورونا جي پهرين ڊيلٽا ويريئنٽ مان به سبق سکي چڪا آهيون تنهنڪري سڀني ملڪن کي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون جي لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ايمرجنسي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سفري پابنديون رڳو وائرس جي ٻين ملڪن تائين ڦهلجڻ ۾ دير ڪرائي سگهن ٿيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صحت جي عالمي اداري وڏي پيماني تي اومي ڪرون تي ريسرچ ڪري رهيو آهي پر هن وقت تائين اهڙو ڪو به اطلاع ناهي مليو ته جن ملڪن ۾ اهو وائرس ڦهليو آهي ان ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. ريجنل ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ماسڪ جو استعمال، سماجي وٿي، هٿن جي صفائي، وڏا ميڙاڪا ۽ ويڪسينيشن ان صورتحال ۾ تمام اهم آهي. هڪ پاسي ڊبليو ايڇ او ان ڳڻتي جو اّظهار ڪري رهيو آهي ٻئي پاسي اسان جي حڪومت جو ڪو خاص تحرڪ نظر نه پيو اچي.
هوڏانهن سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب 8 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جي ڪري خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 391 ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 16 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 14 سيڪڙو، ملتان 14 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 13 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 11 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 20 ۽ صوابي ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 46 هزار 457 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 259، پنجاب ۾ 17 هزار 85، خيبرپختونخوا ۾ 8 هزار 108، اسلام آباد ۾ 4 هزار 539، بلوچستان ۾ 1867، گلگت بلتستان ۾ 254 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 245 ٽيسٽ شامل آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 99 مريض آهن. ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 753 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 622 فوتگيون ٿيون. پنجاب ۾ 13 هزار 31 فوتگيون جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 930 مريض علاج هيٺ آهن.
هڪ پاسي ڪورونا جا هڪ ڀيرو ٻيهر مريض وڌڻ ۽ فوتين جي انگ ۾ هوريان هوريان واڌ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي ڪورونا جو نئون قسم اوميڪرون تيزي سان ڦهلجڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان جي تيزي سان ڦهلجڻ بابت سڄي دنيا پريشان آهي، سڄي دنيا ان ڳڻتي ۾ آهي ته ان جي ڦهلا کي ڪيئن روڪجي، پر اسان وٽ حڪومتي سطح تي ڪو تحرڪ نظر نه پيو اچي، جيڪا يقينن ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. حڪومت اهوئي روايتي ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ڪورونا وائرس جي ان نئين قسم بابت ڳڻتي جو اهم سبب ان جو وڏي پئماني تي ڦهلا آهي، ان کي ڪيئن روڪيو ويندو، ان بابت حڪومتي سطح تي ڪو اهڙو پلان نظر نه پيو اچي. حڪومت کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻو پوندو جڏهن ته ملڪ جي عوام کي به هاڻي سنجيدگي سان وائرس کان احتياط ڪرڻو پوندو. خاص طور حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ڪرونا وائرس جي ان نئين قسم بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. ڪرونا جي نئين قسم لا اهو چيو پيو وڃي ته اهو ويڪسين جي اثرن کي به ختم ڪري سگهي ٿو، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته وائرس ڪيترو خطرناڪ آهي. پر حڪمران اڃا تائين ان کي ايترو سنجيده نه پيا وٺن. اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي اک پٽڻ گهرجي، ان کان اڳ جو اهو وائرس اچي وڃي ۽ ان جي ڪري ڪو انساني اليمو جنم وٺي، حڪومت کي تڪڙا اپا وٺڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button