ننڍي کنڊ جو ورھاڱو اصل ۾ ھڪ وڏو قصو ۽ پراسرار واقعن سان ڀريل تاريخ آھي، جنھن تي ڪيترن ئي دانشورن، تاريخدانن، سياستدانن ۽ صحافين پنھنجي زاويي سان لکيو آھي، جنھنڪري ورھاڱي جي تاريخ ۾ ڪيئي ورق ڌنڌلا نظر ايندا. مولانا آزاد جو ڪتاب “انڊيا ونز فريڊم” انھي حوالي سان به منفرد ۽ تاريخي دستاويز سمجھيو ويندڙ ڪتاب آھي جو مولانا ڪانگريس جي قيادت ۾ اھم اڳواڻ ھو. ڪانگريس جي سڀني سياسي فيصلن، انگريز سرڪار سان ڪانگريس جي نمائندي طور ڳالھيون ڪرڻ ۽ پارٽي پاليسيون جوڙڻ ۾ برابر جو شريڪ ھو ۽ انگريزن خلاف ھندستان جي جدوجھد جو اکين ڏٺو شاھد به ھو. “انڊيا ونز فريڊم” ڪتاب مولانا پاڻ ويھي نه لکيو ھو پر ھمايون ڪبير جي چوڻ تي مولانا آزاد پنھنجي زندگي جا واقعا مختلف موقعن ۽ وقتن تي زباني ٻڌائيندو ھو، جيڪي ھمايون ڪبير قلم بند ڪندو ويو ۽ پوءِ مولانا جي نگراني ۾ ئي ھن ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا. ھمايون ڪبير پاڻ به وڏو ليکڪ، دانشور ۽ ماھر تعليم ھو. ھن بنگالي، ھندي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ھئا. 1946ع ۾ مولانا جي چوڻ تي مولانا جو سيڪريٽري ٿيو.
1915ع ۾ گانڌي ڏکڻ آفريڪا مان واپس اچي چڪو ھو، جتي ھن ڏکڻ آفريڪا حڪومت خلاف ڪامياب جدوجھد ھلائي ھئي. گانڌي انگريز سرڪار خلاف عدم تشدد واري ھندو- مسلم گڏيل جدوجھد ھلائڻ جو پرزور حامي ھو. 1920ع ۾ گانڌي جي خواھش تي مولانا آزاد ۽ گانڌي جي پھريون ڀيرو ملاقات ٿي. ان وقت اتا ترڪ برطانيه ۽ اتحادين جي حمايت سان ترڪي جي خلافت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو ھو. خلافت جي خاتمي جي اعلان سبب ھندستان جي مسلمانن ۾ بي چيني ڦھليل ھئي ۽ مسلمان خلافت جي بحالي لا تحريڪ ھلائي رھيا ھئا. 1920ع ۾ مولانا ابوالڪلام کي خلافت ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو. گانڌي مسلمانن جي خلافت تحريڪ جي حمايت ڪئي ۽ ھندستان جي ماڻھن جي را عامه کي ھموار ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا. انھي دوران گانڌي انگريز سرڪار خلاف “عدم سهڪار” جي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو. عدم سهڪار جي تحريڪ ۾ سرڪاري خطاب واپس ڪرڻ، عدالتن جو بائيڪاٽ ڪرڻ، ملازمتن تان استعفائون ڏيڻ جا پلان رٿيا ويا. ھن تحريڪ جي پلاننگ ڪرڻ لاءِ 1920ع ۾ ڪانگريس جو اجلاس رکيو ويو جنھن ۾ جناح ۽ شوڪت علي به شرڪت ڪئي ھئي. ھن اجلاس کانپوءِ جناح ڪانگريس کان علحدگي اختيار ڪئي. جڏھن ته گانڌي، مولانا آزاد، نھرو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪانگريسي ليڊر گرفتار ٿي ويا.
1937ع جي عام چونڊن بابت مولانا آزاد ھمايون ڪبير کي ٻڌائي ٿو ته ھن اليڪشن ۾ ڪانگريس وڏي اڪثريت سان کٽيو ھو پر ڪانگريس جي ڪجھه ليڊرن جي غلط فيصلن سبب ڪانگريس جي قومي پارٽي ھئڻ واري ساک کي شديد نقصان پھتو. ڊاڪٽر سيد محمود بھار جو مشھور ليڊر ۽ آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري ھو ۽ بھار جو متوقع چيف منسٽر جو اميدوار ھو پر سردار پٽيل جي حمايت سان سري ڪرشن کي بھار جو چيف منسٽر بڻايو ويو، ساڳي ريت مسٽر نريما جيڪو بمبئي چيف منسٽر لاءِ اميدوار ھو (ھي پارسي ھو) کيس رد ڪري نھرو جي پسنديده ھڪ ھندو کي چيف منسٽر بڻايو ويو. جناح ھنن واقعن کي فرقيواراڻي پسمنظر ۾ وڏي ھوشياري سان استعمال ڪيو.
1939ع ۾ ابوالڪلام کي ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. ان وقت يورپ ۾ جنگ ڇڙي چڪي ھئي. برطانيا ھن جنگ ۾ ھندستان جي سياسي پارٽين جي سپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪري رھيو ھو پر گانڌي پنھنجي عدم تشدد واري فلسفي تحت جنگ جي سپورٽ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جڏھن ته ابوالڪلام آزاد انھي خيال جو ھو ته جيڪڏهن جنگ جي حمايت بدلي ھندستان کي آزادي ملي ٿي ته موقعي جو فائدو ورتو وڃي. ٻئي پاسي گانڌي برطانوي عوام کي خط لکي اپيل ڪئي ته ھٽلر سان جنگ نه ڪرڻ گھرجي ۽ روحاني طاقت ذريعي جنگ جي مخالفت ڪرڻ گھرجي ۽ گانڌي “ستيه گرهه” جي تحريڪ شروع ڪري ھن جنگ خلاف مھم ھلائي. انگريز سرڪار گانڌي ۽ مولانا آزاد کي سڀني ڪانگريسي ليڊرن سميت گرفتار ڪيو. جنگ جي پيچيده صورتحال جي پيش نظر آمريڪي صدر روزويلٽ برطانوي حڪومت کي ھندستان جي سياسي قيادت سان مصلحت ڪرڻ تي زور ڀريو.
1942ع ۾ انگريز سرڪار طرفان سر اسٽيفرڊ ڪرپس کي ھندستاني ليڊرن سان ڳالھين لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڪرپس، ڪانگريس ۽ ليگ ۾ ڪافي ڊگهيون ڳالھيون ھليون پر ناڪام ٿي ويون. ھنن ڳالھين جي نمائندگي ڪانگريس طرفان ابوالڪلام آزاد ڪئي. ڳالھين جي ناڪامي کانپوءِ گانڌي انگريزن خلاف “ھندستان ڇڏي وڃو” جي ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي. مولانا آزاد ھن تحريڪ جو روح روان ھو. انگريز سرڪار مولانا سميت سڀني ڪانگريسي ليڊرن کي گرفتار ڪيو. ڪانگريسي ليڊرن جي گرفتاري تي ھندستان ۾ زبردست ھنگاما ٿي ويا. بنگال، بھار، يوپي، بمبئي ۾ تشدد وارا مظاھرا ٿيا، جيڪي گانڌي جي عدم تشدد پاليسي جي خلاف ھئا. گانڌي ھنن مظاھرن جي خاتمي ۽ ڪانگريسي ليڊرن جي آزادي لاءِ “مرن ورت” ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو مظاھرن جي خاتمي ۽ ڪانگريسي ليڊرن جي آزادي کانپو 21 ڏينھن تي ختم ڪيو. مرن ورت گانڌي کي تمام گھڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.
انگريز سرڪار 1946ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو، اليڪشن ۾ ڪانگريس کي ڪاميابي حاصل ٿي. بنگال، پنجاب ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کٽيو، صوبي سرحد ۾ خان برادران (خان عبدالغفار خان ۽ ڀائر) حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مولانا آزاد خان برادران جون دلچسپ ڳالھيون به ٻڌائي ٿو. خان برادران تمام گھڻا دولتمند ھئا، سرحد جا پٺاڻ ته پنھنجي سخاوت ڪري مشھور ھئا پر خان برادر وڏا ڪنجوس ھئا، ھنن جي ڪنجوسي سبب مقامي ڪارڪن ھنن کان بيزار ھئا. 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ مسلم علائقن ۾ اڪثريتي پارٽي طور اڀري آئي ھئي. انگريز جي خواھش ھئي ته ڪانگريس ۽ ليگ گڏجي حڪومت ٺاھين ڇو ته ان وقت ڪيبنيٽ مشن تي ڳالھيون ھلي رھيون ھيون. ھندستان جي وائسرا لارڊ ويول جي چوڻ تي جناح گڏيل حڪومت ۾ شموليت ڪئي. ٻئي طرف ڪيبنيٽ مشن جون ڪانگريس ۽ ليگ سان ڳالھيون جاري ھيون. نيٺ طويل ڳالھين کانپوءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڪيبنيٽ مشن جي اسڪيم کي يڪراءِ طور منظور ڪري ورتو. ھن اسڪيم تحت دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي مرڪزي حڪومت جي حوالي ھوندا ۽ ملڪ کي ٽن سيڪشنن ۾ ورهائڻ جو پلان جوڙيو ويو ۽ صوبن کي ڏھن سالن کانپوءِ مرڪز کان الڳ ٿيڻ جو حق ھن اسڪيم ۾ ڏنل ھو.
ھن اسڪيم ۾ ھلندڙ ڳالھين جي ڪانگريس پاران نمائندگي ابوالڪلام آزاد ڪئي ھئي جنھن کي گانڌي جي حمايت ۽ آشيرواد ھو. پر 10 جولاءِ ھندستان جي تاريخ جو اھو نڀاڳو ڏينھن ثابت ٿيو جو جواھر لعل نھرو پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته اسين ڪيبنيٽ اسڪيم تي عمل ڪرڻ جا پابند ناھيون. نھرو جي ھن پريس ڪانفرنس ڪيبنيٽ مشن جي اسڪيم کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. جوابي ردعمل طور جناح به پريس ڪانفرنس ڪري پاڪستان جو مطالبو ورجايو ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي پوري ھندستان ۾ “ڪارو ڏينهن” ملھائڻ جو اعلان ڪيو.
مولانا ابوالڪلام آزاد نھرو جي پريس ڪانفرنس تي سخت پريشان ۽ ڪاوڙيل ھو. جنھن جو اظھار ھمايون ڪبير سان ھن ريت ڪري ٿو ته 26 اپريل 1946ع ۾ نھرو جو ڪانگريس جي صدارت لاءِ نالو تجويز ڪري ڏيڻ ھن جي (مولانا آزاد) وڏي غلطي ھئي. جڏھن ته گانڌي جي خواھش ھئي ته ڪانگريس جي صدارت جاري رکان پر مون نھرو کي ڪانگريس جي صدارت لاءِ تجويز ڪيو. ھن واقعي کانپوءِ ھندستان جون حالتون ڏاڍيون خراب ٿي ويون. ھر طرف رتو ڇاڻ ۽ فرقيوار فساد ڦھلجي چڪا ھئا. ھنن حالتن ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن کي وائسراءِ ھند ۽ گورنر جنرل ڪري رکيو ويو. لارڊ بيٽن جي تقرري جو مقصد ئي ھندستان جي ورهاڱي کي بھتر طريقي سان پورو ڪرڻو هو.
ڪانگريس گڏيل ھندستان ۽ مضبوط مرڪز جي حامي جماعت ھئي. جناح ھندستان جي جو ورهاڱو پئي چاهيو. اھڙي صورت ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن کي ھندستان جي ورھاڱي جو بھتر طريقو ڳولڻو ھو. لارڊ مائونٽ ڏاڍي چالاڪي ۽ ذھانت سان سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ جواھر لعل نھرو کي پنھنجو ڪيو. ھو پٽيل کي حجت ۾”اخروٽ” سڏيندو ھو. پٽيل کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندو ھو ته پٽيل اخروٽ وانگيان ٻاھران سخت ۽ اندر ۾ نرم ۽ نھرو کي پنھنجي خوبصورت ۽ ذھين زال ليڊي مائونٽ بيٽن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. نھرو ليڊي لارڊ مائونٽ جي خوبصورت ڳالھين ۽ لذيذ انگريزي کاڌن کان لطف اندوز ٿيندو ھو ۽ ھي ٻئي ڪانگريس جا اھم ليڊر ڪانگريس جون پاليسيون جوڙيندڙ ھندستان جي ورهاڱي جا سخت مخالف ھندستان جي ورهاڱي تي راضي ٿي ويا. فرقيواراڻي نفرت ۽ خوني ھندو – مسلم فسادن جي خاتمي ۽ ھندستان جي ترقي ۽ امن جو حل ورھاڱي ۾ ئي نظر اچڻ لڳو ۽ ٻنھي (نھرو ۽ پٽيل) گڏجي گانڌي کي به ورھاڱي تي راضي ڪيو.
مولانا ابوالڪلام آزاد جي ھن ڪتاب “انڊيا ونز فريڊم” جو اردو ۾ ترجمو ٿيل آھي. ھي ڪتاب 347 صفحن جو آھي. مولانا ابوالڪلام آزاد جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب تاريخ، مذھب ۽ سياست تي لکيل آھن. پنھنجي ذاتي زندگي تي لکيل ڪتاب “غبار خاطر” سندس مشھور ڪتاب آھي. مولانا آزاد 22 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪئي. مولانا ابوالڪلام آزاد آخر تائين ھندستان جي ورھاڱي جو مخالف رھيو.