سنڌ

اوٻاوڙو ۾ اجرڪ ٽوپي جي هٻڪار، انساني زنجير ٺاهي وئي

اوٻاوڙو ۾ اجرڪ ٽوپي جي جھلڪار رهي، ثقافتي ڏھاڙي تي ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو، سڄو شھر ٽوپي اجرڪ سان جرڪي پيو، ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ڌرتي ڌڻي اجرڪ ٽوپي پائي ثقافتي ڏھاڙو عيد جيان ملھايو، ھر پاسي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن ۽ ھوجمالو جي گيتن سان سڄو شھر گونجي اٿيو. شھرين، ٻارڙن توڙي ٻڍڙن سنڌ جي ھزارين سال پراڻي ثقافت، اجرڪ ۽ ٽوپي پھري گيتن تي رقص ڪندي سڄي شھر جي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن سڪندر فراق جي اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته شھر جي مختلف مسجدن ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪري سنڌ امڙ جي آجپي، جياپي، خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گھريون ويون. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي ضلعي نائب امير مفتي محمد يوسف مزاري پاران مدرسه مدينتُ العلوم اوٻاوڙو ۾ خصوصي طور اھتمام ڪري شڪراني نماز ادا ڪرائي، ٻي طرف روشن تارا پبلڪ اسڪول، الفلاح پبلڪ اسڪول ۽ ھا اسڪول جي شاگردن ثقافتي ويس پھري ٽيبلوز پيش ڪري پاڻ ملھايو، نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو کان محمد اسلم ملڪ، گل محمد پنهور جي اڳواڻي ۾ ٻن ڪلوميٽرن جو پيادل سفر ڪري قومي شاهراھه تي پهچي سوين ماڻهو هٿن ۾ هٿ ڏئي انساني زنجير ٺاهي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button