سنڌ

نوابشاهه جا روڊ رستا ٽوپي اجرڪ جي ثقافتي رنگ ۾ رڱجي ويا

نوابشاهه جا روڊ رستا ثقافتي رنگن سان جرڪي پيا، نوجوان اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران قومي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا. نوابشاهه پريس ڪلب تي مختلف تنظيمن، برادرين، سياسي پارٽين ۽ شهرين ثقافتي رنگن ۾ ثقافتي ڏهاڙي کي چار چنڊ لڳائي پنهنجي قوميت توڙي ڀرپور عشق جو ثبوت پيش ڪيو. ان حوالي سان پريس ڪلب آڏو مُک تقريب ۾ شهر جي ننڍن وڏن پوڙھن پڪن، نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جسقم پاران جي ايم سيد چوڪ کان شعبان ماٽي، امداد لغاري، طارق سمون، فرمان ملاح، ناصر شاھه، فقير امتياز لاکو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو مُک تقريب ۾ شامل ٿي ۽ پريس ڪلب آڏو قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪيو، پاڪستان پيرا ميڊيڪل پاران اسپتال روڊ کان دُر محمد بھراڻي، نويد شاھه، منظور راڄپر، اياز بھراڻي، دريا خان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سانگھڙ روڊ کان امتياز رند جي اڳواڻي ۾ ڪار گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي، آپڪا پاپوليشن طرفان امجد ۽ شمن ھوت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شھر جي مختلف ڳوٺن مان گھوڙن ۽ اُٺن کي سينگاري مُک تقريب ۾ شريڪ ٿيا، جساف ڊگري ڪاليج نوابشاھه مان شاگردن حاڪم لاکو، صيف مستوئي ۽ سميع لاکو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، سيشن ڪورٽ جي ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن ياسر ملڪ ۽ فھيم ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، آپڪا پاران جاويد ڀنڀرو ۽ سھيل ڀنڀرو پاران ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي نثار ڪيريو، سبحان مگسي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ايس يو پي پاران مجيب ماڇي، گل حسن رند، دادن جوکيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته مختلف ڌرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن سائين بخش انصاري، عامر ڪُرد، معروف حسين ڀٽي، قادر بخش بروهي، جاويد اختر سومرو، لياقت رند، ايان خاصخيلي، شوڪت چانڊيو، شهمير ملاح جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھه پاران ستار سندر، بخشل باغي، امداد جي اڳواڻي ۾ اديبن ۽ شاعرن ريلي ڪڍي، شاهه لطيف گروپ ڪيوسٽ مان الهه ورايو چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه جي سياسي سماجي اڳواڻ عرفان گل رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل نوجوانن کي پٽڪا ٽوپيون ۽ اجرڪ پهرل هُيا جن پريس ڪلب آڏو سنڌي گيتن تي جهمريون پائي رقص ڪيو، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اسد کوسو ۽ اظهر راڄپر پاران ريلي ڪڍي وئي، ڳوٺ محمد خان چانڊيو مان خوبصورت ثقافتي لباس اوڍيل نوجوان ۽ ٻارڙن تي مشتمل ريلي نوابشاهه پريس ڪلب جي مُک تقريب ۾ پهتي، جنهن جي اڳواڻي قادر بخش چانڊيو، فراز، منصور ۽ زيد چانڊيو ڪري رهيا هئا، انهي کان علاوه صوفي ازم ورلڊ پاران فقير مشتاق ڪُرد جي اڳواڻي ۾ گيڙو وڳا پائي صوفي ڪلام ڳائيندا مُک تقريب ۾ شريڪ ٿيا، جڏھن تہ مختلف سياسي سماجي، ڪاروباري، علمي، ادبي تنظمين کانسواءِ ڳوٺن کان آيل ننڍيون وڏيون ريليون پڻ مُک تقريب ۾ شامل ٿيون، صبح کان شام تائين پريس ڪلب روڊ سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن سان جرڪندو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button