سنڌ

اڳڙا، گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ثقافتي ڏينهن عيد جيان ملهايو ويو

اڳڙا، گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ثقافتي ڏھاڙو عيد جيان ملھايو ويو، مختلف شھرن راضي ديرو، فقيرآباد اسٽيشن سميت تعلقي جي مختلف شھرن مان ڪيتريون ئي ريليون ڪڍيون ويون. مک ريلي گمبٽ پريس ڪلب پاران ڦول باغ کان ڀٽائي چوڪ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ سول سوسائٽي، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن سان گڏ نوجوانن ۽ ٻارن اجرڪ ۽ ٽوپي پائي قومي گيتن تي جھمريون ھڻندا رھيا. ان حوالي سان صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست ؒ جي درگاھه تي محفل موسيقي جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ صوفي فنڪار راجهن ڀٽي فقير ساٿين سان گڏجي صوفي ڪلامن سان گڏ قومي گيت ڳائي محفل جھومائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button