سنڌ

خانواهڻ ويجهو گم ڄاڻايل نوجوان مال جي واڙي تان بازياب، 3 گرفتار

خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ عباس ڪونڌر جو رهواسي نوجوان اطهر ڪونڌر 2 ڏينهن کان پراسرار نموني گم هو، جنهن جي ابتدائي رپورٽ سندس وارثن خانواهڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي، جنهن تي خانواهڻ پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي خانواهڻ ڀرسان هڪ بااثر شخص جي مال جي واڙي تي پهچي گم ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته واڙي تان 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري خانواهڻ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ بازياب ڪرايل نوجوان جي ڀا مظهر ڪونڌر ٻڌايو ته سندس ڀا کي بااثر شخص ۽ سندس واٺن هٿيارن جي زور تي بنا جواز کنڀي کڻي مال جي واڙي ۾ قيد ڪري مٿس تشدد ڪيو هو، جتان پوليس کيس بازياب ڪرايو آهي. هن انصاف جي گهر ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي. ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button