سنڌ

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ سنڌي ثقافتي ميلو، اسٽال لڳايا ويا

آ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي موقعي تي شاگردن ۽ استادن پاران ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اسڪول ۾ ثقافتي ميلو پڻ لڳايو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ثقافتي ڏهاڙي حوالي سان لڳايل ميلي جو افتتاح ڪيو. شاگردياڻين جا ثقافتي شين جا اسٽال ڏسي کين ڀرپور داد ڏنو. اسڪول جي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ، استادن ۽ شاگردن سان گڏجي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان موقعي تي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ چيو ته سنڌي قوم کي هن ثقافتي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي اولاد کي علم جي زيور سان روشناس ڪن، علم هوندو ته اسان ۾ شعور پيدا ٿيندو، بي شعور انسان غلامي جي زندگي گهاريندو آهي، هن جديد دور ۾ پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button