سنڌ

نوشهروفيروز ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا، ٻار توڙي ٻڍا جهمريون هڻندا رهيا

ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي نوشهروفيروز ۾ ھر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا، ٻارڙن توڙي پڪن ھر عمر جي ماڻھن ثقافتي ويس اوڍي سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، ايڪتا جو وڏو جشن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿيو، جيڪو شام تائين جاري رھيو ۽ سڄو ڏينھن ثقافتي ويس پھريل ٻار توڙي ٻڍا ۽ نوجوان قومي گيتن تي مھو رقص رھيا ۽ جھمريون ھڻي ڀرپور ڏينهن ملھايو. پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان سڄو ڏينهن شهر ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو پهچي ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو. سنڌ جي ناميارن فنڪارن صائمه منظور، رئوف مگسي، ضامن حيدر، صداقت وسطڙو، شهباز زرداري، رضا وسطڙو، سڌير ميرالي ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو. جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڌرتي جي گيتن تي جهمريون پائي نچندا رهيا، تقريب ۾ مختلف ڳوٺن مان نڪتل ريليون پھتيون، نوشهروفيروز شهر مان مک ريلي قومپرست اڳواڻ اياز راڄپر جي اڳواڻي ۾ نڪتي، جسقم اڳواڻن ساجد راڄپر، سالم راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلھوڙا اسٽيشن کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف رستن تان گشت ڪرڻ بعد ايڪتا جشن ۾ شامل ٿي. سماج سڌارڪ عبدالشڪور عباسي ۽ ارشاد ڪلھوڙي جي اڳواڻي ۾ ريلي الله واري چوڪ کان نڪتي جيڪا شھر جو گشت ڪري جشن ۾ شامل ٿي وئي. سگا شاخ نوشهروفيروز پاران اعظم عالماڻي ۽ سيد ظفر شاھه جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. عوامي تحريڪ پاران ستار عمراڻي ۽ صدام سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلين ۾ شامل ماڻھو گيتن تي جهمريون ھڻي جيئي سنڌ سميت ايڪتا ۽ سنڌو تو ۾ ساھه اسان جو جا نعره ھڻندا رھيا. سنڌي ادبي سنگت پاران ضلعي رابطه سيڪريٽري مظھر خاصخيلي، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اقبال راڄپر جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. آخر ۾ فنڪارن، نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صحافين، شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن گڏجي هو جمالو ڳائي جشن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button