سنڌ

قومي عوامي تحريڪ جون سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ريليون

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ثقافتي ڏھاڙي تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، فرحان لاڙڪ، مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، ڪاشف خاصخيلي، افروز ڪٽپر، راحيلا لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن جي ريلي نڪتي. حيدرآباد، ٺٽو، بدين، مٺي، ميرپورخاص، نوابشاهه، گھوٽڪي، شھدادپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڳڙھي خيرو، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، نصيرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن ثقافتي ڏھاڙي تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو. ڪراچي ۾ خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نه ھجن ھا ته سنڌ ھيئن تباهه ۽ برباد نه ٿئي ھا. جيڪڏھن فيصلا جرڳن بدران عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ ٿين ھا ۽ اسيمبليون ۽ عدالتون اھڙيون ھجن ھا جن تي عوام کي اعتماد ھجي ھا ته سنڌ جو حشر اڄ ھھڙو تباهه ۽ برباد ٿيل نه ھجي ھا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button