سنڌ

سڳيون ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاران سرداري نظام خلاف ريلي

سڳيون ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاران ڪامريڊ امداد قاضي، پروفيسر منور ٽالپور، ستار گهوٽو، عاشق قريشي، صالح سومرو، سکيو قريشي، غلام علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرداري نظام خلاف ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي امداد قاضي، منور ٽالپر، پير شھاب، ذوالفقار رستماڻي، جاني بلوچ ۽ ٻين چيو ته ڪارو ڪاري جي رسم، قبيلائي جھيڙا ۽ سنڌي قوم جي ٻڌي کي ختم ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ايجنسين، سردارن ۽ وڏيرن جي معرفت آھي، جيستائين سنڌ ۾ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام ھوندو، تيستائين سنڌي قوم ھڪ قوم طور گڏ ٿي نه سگھندي. هنن چيو ته سنڌي قوم جي تاريخي تصور کي اجاگر ڪرڻ ۽ حقيقي قومي ايڪتا ۽ ثقافت جي ٻڌي لا سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام خلاف ڀرپور جدوجھد ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button