سنڌ

ڪشمور مان ريليون گڊو بئراج پهتيون، سنڌو کي گلن جي ڀيٽا

ڪشمور ۽ گڊو ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي پهريل سنڌي نوجوان، پوڙها ۽ ٻارڙا قومي گيتن تي جهمريون پائي ڌرتي امڙ سان محبت جو اظهار ڪندا رهيا. ثقافتي ريلي ليبر ڪلب گڊو کان نڪتي جيڪا گڊو ڪالوني جي مختلف چوڪن کان ٿيندي گڊو بازار کان گيٽ نمبر 3 تي پهتي. ريلي ۾ شهرين قومي گيت ڳائيندا جهمريون پائيندا گڊو بيراج تي پهتا. جتي هزارين ماڻهن گڏجي سنڌو دريا مٿان گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سنڌ ڌرتي جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. ان موقعي تي شمس الدين سولنگي، عبدالرزاق بهلڪاڻي، عبدالحڪيم مزاري، عبدالستار مزاري، حبيب الله ٿهيم، سليم ڀٽو، نظير مزاري، لالا حبيب ملڪ، معشوق کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان لاءِ عيد جو ڏهاڙو آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌ ڌرتي جا پٽ آهيون ۽ ڌرتي لاءِ اسان جي جان به قربان آهي. هنن چيو ته اسين سنڌ ڌرتي ۽ ٽوپي اجرڪ جو شان واڌائي دنيا آڏو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي قوم پنهجي ڌرتي، ڪلچر ۽ تهذيب کي نه وساريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button