پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان مولانا فضل الرحمان پنهنجي نئين اعلان ۾ مارچ مهيني ۾ عمراني سرڪار پاران ٻاريل مهانگائي خلاف عوامي مارچ ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي آهي. عمراني ترجمانن پي ڊي ايم جي اهڙي اعلان تي چٿر ڪندي فرمايو آهي ته عوامي مارچ واري ان اعلان جي ڪابه اهميت ناهي. ڇو ته اهو اعلان انهي مولانا طرفان ڪيو ويو آهي، جنهن جي آسپاس هاڻ ڪوبه ناهي رهيو. تنهنڪري انهي اعلان مان به ان ساڳي طريقي سان هوا نڪري ويندي، جيئن پي ڊي ايم جي اڳوڻن اعلانن مان نڪتي. ڪير ڪنھن جي هوا ٿو ڪڍي، تنهن نتيجي لاءِ ته ظاهر آهي پاڻ کي مارچ مهيني جو انتظار ئي ڪرڻو پوندو پر ان سموري تناظر ۾ جيڪا سوچڻ جهڙي ڳالھه آھي، سا اها آهي ته اهو سياسي توڙي معاشي بحران جنهن کي عمراني سرڪار جي نااهلي آسمان تي پهچايو آهي، اول ته ان جو پس منظر ڇاهي ۽ ٻيو اهو ته ڇا واقعي عمراني ٽولي جي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ کير جون نديون وهنديون؟
ان سوال جي ورندي ڳولڻ لاءِ پاڻ هتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جڳ مشهور ڪتاب ريڪنسيلئيشن جو هيٺيون حوالو رکون ٿا:
” مُنڍ ۾ ئي الميو اهو پيدا ٿيو جو پاڪستان جو باني آزادي جي هڪ سال کان پوءِ ئي جهان ڇڏي ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ ملڪ ۾ اهڙي ڪابه قيادت پويان نه بچي، جنهن جو سڀني تي اخلاقي اختيار هجي ۽ جيڪا قيادت ملڪ ۾ جمهوري روايتن جو ٺوس بنياد رکي سگهي. ٻيو وري ٿيو هيئن جو 1948 ۾ ئي پاڪستان جي هندستان سان جيڪا جنگ لڳي، تنهن کان پوءِ ملڪي بجيٽ جو ستر سيڪڙو بچاءُ جي نالي ۾ خرچ ٿيڻ لڳو. جيئن پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ئي اهو چيو هو ته “رياست جو بچاءُ اسان لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ ان گهرج کي باقي سمورين سرڪاري سرگرمين تي بالادستي آهي. تنھن ڪري اسين بچاءُ تي خرچ ٿيل ڪيتري به رقم ۾ ڪو به حجاب محسوس نه ڪنداسين” ۽ پاڪستان ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ گهربل وسيلن جو منهن جيئن ئي بچاءُ ڏانهن موڙيو ويو تيئن ئي عسڪري قوتن کي غير ضروري رُتبو ۽ اختيار ملڻ شروع ٿيو ۽ اهڙي عمل جا سياسي اثر توڙي نتيجا انتهائي خراب نڪتا. ڇو ته جمهوري ادارن جي بنيادي ڍانچي کي سگهارو ڪرڻ بدران اڻ چونڊيل ادارن اهميت حاصل ڪري ورتي ۽ اهي پاڪستان جا مُک بڻجي ويا”
بس اهو ئي اصل تاريخي پسمنظر آهي، جنهن جي تازي شڪل اها عمراني سرڪار آهي، جنهن سرڪار وٽ جمهوري ادارن ۽ قدرن جي پاسداري بدران انهن قوتن جا مفاد ۽ تابعداري اهم آهي، جن جو ذڪر مٿي محترمه شهيد جي حوالي ۾ پاڻ ڪري آياسين. ايئن پاڻ اهو به چئي سگهون ٿا ته اڄوڪو ملڪي نظام سڄي جو سڄو جناح صاحب جي تنهن سوچ جي ئي ابتڙ بيٺل آهي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ سيڪيولر جمهوري نظام جو تصور شامل هو. موجوده نظام لياقت علي خان جي ان سوچ جو پوئيوار آهي، جنهن ۾ سڀ جا سڀ وسيلا اسٽيبلشمينٽ لاءِ مقرر ڪري، عوام جي ڀلائي کان سڌو سئون نابري واري وئي ۽ نڪ جي پڪائي جي حد اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ هتان جي غير عوامي قوتن کي ڪوبه حجاب ان ڪري نٿو محسوس ٿئي جو اهو سمورو “ڪاروبار…!!” ملڪي بچاءُ جي نالي ۾ ڪيو ٿو وڃي!! پر سوال اهو آهي ته چوهتر سالن جي ان پاليسي ملڪ کي مضبوط ڪيو آهي يا ويتر ان جا سماجي، معاشي ۽ سياسي بنياد ڪمزور کان ڪمزور ٿيندا رهيا آهن؟ ظاهر آهي ان سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي ته ان پاليسي ملڪ کي هڪ اهڙي انتهائي شديد سياسي ۽ معاشي بحران جي کاهي ۾ آڻي اڇليو آهي، جنهن کي جيڪڏھن اڃان به نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ اها باھه شايد تمام ويجهي هجي، جنهن جي نشاندهي مٿي پاڻ ڪري آيا آهيون.
هاڻ ظاهر آهي انهن سمورن ڀوائتن امڪانن مان حقيقي ملڪي عوامي سلامتي واري امڪان جي حق ۾ حالتن جو رُخ موڙڻ لاءِ اول آخر ضرورت اها ئي بيهي ٿي ته هن ملڪ کي لياقت علي خان واري سوچ مان آجو ڪري جناح صاحب واري فڪر تي بيهاريو وڃي. جنهن فڪر جي ترجيح اها هئي ته هتي هڪ اهڙي فلاحي عوامي سيڪيولر جمهوري رياست هوندي جنهن ۾ سماج جي هر پرت کي پنهنجا پنهنجا آئيني حق هوندا. پر عالمي سامراج ۽ ان جي ساٿارين کي جيئن ته جناح صاحب جو فڪر قبول نه هو تنهن ڪري انهن جناح صاحب کي ٻيو ته ٺهيو پر گهربل علاج جيڪو سندس بنيادي انساني حق هو، سو به مهيا نه ڪندي اڌ رستي ۾ ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو. ۽ اهڙي سفاڪي جا نتيجا اهي نڪتا جو اڄ ڏينهن تائين هي ملڪ ان ئي کريل ايمبولينس ۾ گهٽيل ساهه کڻي رهيو آهي، جيڪا جناح صاحب کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ڏني وئي هئي. ها اهو گهٽيل ساهه جيڪو پوءِ ملڪ جي باني جي ساٿي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح صاحبه جي به قسمت ۾ لکيو ويو. ياد رهي ته هڪ گمان يا امڪان اهو به تاريخ ۾ گردش ڪندڙ رهيو آهي ته محترمه فاطمه جناح صاحبه جو موت به فطري نه هو!!
۽ اڄ اهو گهٽيل ساهه هن ملڪ جي ڪروڙين غريب عوام جي نصيب ۾ لکيو ويو آهي انهن ساڳين قوتن طرفان، جن کي جناح صاحب جو فڪر منظور ناهي. اهي قوتون جيڪي هن ملڪ ۾ شامل قومن جي وجود کان نه رڳو انڪاري آهن پر اهي قوتون قومن کي هر پاسان گهائي پڻ رهيون آهن. سنڌ هجي يا بلوچستان يا خيبر پختونخوا جتي به ڏسو درد ۽ پيڙا واري محرومي جون لڪيرون گهري کان گهريون ٿي رهيون آهن ۽ هر طرف ڄڻ ته ماتم لڳو پيو آهي. اهو ماتم ڇا بس هڪ ڏينهن جو ماتم هو؟ قطعي نه. اهو ماتم ۽ اها پيڙا ڌرتي مان ڦُٽل آهي ۽ ڌرتي واسي پنهنجن سورمن جا پلاند نسلن تائين ناهن وساريندا.
بس ڳالھه وري به اتي ئي اچي کُٽي ٿي ته هتان جي ملڪي نظام جو رُخ ئي جيئن تي مُنڍ کان عوامي جمهوري مفادن جي اُبتڙ بيهاريل آهي، سو ان نظام مان سلامتي جي اميد رکجي به ته ڪهڙي ۽ ان تي حيرت ڪجي به ته ڪهڙي جو جڏهن هر پاسي کان بحران هجي تڏھن ملڪ جو وزيراعظم ملڪي سلامتي بابت ٿيندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ به پنهنجي شان جي گهٽتائي سمجهي ٿو.
سو جي ايئن آهي ته پوءِ پاڻ کي اهو سمجهڻ ۾ ڪنهن وڌيڪ عربي فارسي جي ضرورت نه هئڻ گهرجي ته عوام، جمهوريت ۽ آئين سان ايتري لاتعلقي باوجود به عمراني ٽولي کي اها پڪ ڪير ٿو ڏياري ته مارچ ۾ ڪجھه ڪونه ٿيندو؟ ممڪن آهي پي ڊي ايم ايندڙ مارچ ۾ به ڪجھه نه ڪري سگهي پر اول آخر انهي مارچ کي ڪير به نه روڪي سگهندو، جيڪو اندرو اندر عوام جي سينن ۾ سهڪي رهيو آهي. اهو مارچ جنهن کي تاريخ جا سمورا حساب چُڪتو ڪرڻا آهن.